اقتدار هميشه عارضي رهيو آهي، پر ڪردار هميشه دائمي. تخت ۽ تاج مٽيءَ ۾ ملي ويا، پر خدمت، احساس ۽ انسانيت وقت جي سيني تي لکجي ويا. سياست جي ميدان ۾ به اهوئي اصول لاڳو ٿئي ٿو، جتي ڪاميابي جو ماپو ووٽن سان نه، پر ماڻهن جي دلين سان ٿيندو آهي. سردار گل حسن مشوري جو شمار به انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سماجي خدمتگارن بڻجي عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندا رهيا آهن. عام طور اليڪشن هارائڻ کان پوءِ سياسي ماڻهو خاموش ٿي وڃن ٿا. پر سردار گل حسن مشوري لاءِ اليڪشن ڪا آخري حد نه هئي. اها ته رڳو هڪ آزمائش هئي، جنهن مان هو وڌيڪ نکرجي نڪتو.
هو اڄ به اُنهن ڳوٺن، اُنهن وسندين، اُنهن اوطاقن ۾ نظر اچي ٿو، جتي رڳو غربت پئي واڪا ڪري.بنا ڪنهن سرڪاري عهدي جي، بنا ڪنهن حڪومتي اختيار جي، هو پنهنجي ذاتي وسيلن سان مسڪينن جو سهارو بڻيو آهي. سردار گل حسن مشوري جي خدمت نمائشي ڪانهي. هو اُن سياست جو نمائندو آهي، جنهن ۾ انسان سڀ کان اول آهي ۽ اقتدار آخر ۾. ٻئي پاسي، زماني جو ٻيو چهرو به اسان جي سامهون آهي. اليڪشن کٽي حڪمران بڻجندڙن لاءِ اقتدار اڪثر آزمائش بدران آسائش بڻجي ويو آهي. حڪومتي وسيلا، جيڪي عوام جي امانت هوندا آهن، اهي بنگلن جي ديوارن، پروٽوڪول جي قطارن ۽ بيانن جي شور ۾ گم ٿي ويندا آهن. ڏسجي ته سردار گل حسن مشوري سنڌ جي اُن روايت جو تسلسل آهي، جتي سرداري طاقت نه، پر ذميواري هوندي هئي. جتي اڳواڻ ماڻهن کان مٿي نه، پر ماڻهن سان گڏ هلندو هو. هو اُن وڻ جيان آهي، جيڪو پاڻ ڇانوَ ۾ نه ويهندو آهي، پر ٻين کي ڇانوَ ڏئي ٿو. سياست جيڪڏهن انسانيت کان خالي ٿي وڃي، ته اها رڳو حساب ڪتاب رهجي وڃي ٿي. پر جڏهن سياست خدمت سان جڙجي وڃي، ته اها عبادت بڻجي وڃي ٿي. سردار گل حسن مشوري ان عبادت جو زنده مثال آهي