دهشتگردن کي آڻڻ جا ذميوار باجوا ۽ عمران خان آهن: ايمل ولي خان

پشاور (م ڊ) اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته دهشتگردن جي سرپرستي ۽ ٻيهر آبادڪاري جا مک ذميوار جنرل (ر) قمر جاويد باجوا، اڳوڻو صدر عارف علوي، عمران خان ۽ بئريسٽر سيف آهن.  هن چيو ته مان رياست جي اعليٰ ادارن، وزيراعظم آفيس، سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ سان انهن عنصرن خلاف رابطو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي موقف کي ڪنهن به فرد يا گروهه جي ذاتي يا سياسي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو منهنجي موقف کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا آهن، پر مان موقف تي قائم رهندس. هي موقف، رياست، آئين ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.