ميهڙ ۾ عوامي پورهيت تحريڪ پاران فاضل راهو جي ورسي تقريب

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ عوامي پورھيت تحريڪ پاران شھيد عوام محمد فاضل راهو جي 39 ورسي مقامي ھوٽل ۾ ملھائي وئي تقريب ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جا مرڪزي ، ضلع ۽ مقامي اڳواڻن ، عورتن ، ورڪرن ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ورسي تقريب کي عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر وڪيل جي اين کوسو خطاب ڪندي چيو ته اڄ شھيد فاضل راھو کي سلام پيش ڪرڻ منھنجي پارٽي ۽ منھنجي لاءِ وڏو اعزاز آھي ھن چيو ته اھڙن سياسي پارٽين ڏيکاءَ ڏنو آھي ته ورسي آھي ته ڀت به ھوندو پر ھي عوامي پورھيتن جي پارٽي آھي حق سچ جي تحريڪ آھي ھي وقت بدترين آمريت جو آھي ھن کي جمھوريت چوڻ غلط آھي جيڪي چون ٿا ھي چونڊن تحت آيل آھن پر ھي 27 فارم جي پيداوار آھن کٽيل جيل ۾ ويٺو آھي ۽ ھاريل حڪمران لڳا پيا آھن ھن صورتحال ۾ فاضل جھڙا سچا ۽ کرا انسان گھرجن ٿا ڊاڪٽر ماروي پليجو چيو ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙن، ظلم ،زمينن تي والار ، وسيلن ، ٻولي ، تعليم ، بنيادي حقن تي ڌاڙن جي مذمت ڪيان ٿي تقريب کي مرڪزي نائب صدر غلام رسول لغاري ، پروين پليجو ، مختيار بيگم ، نثار ڪولاچي ، وڪيل سعيد پنھور ، مخدوم عدنان مھيسر ، وڪيل اعظم خاصخيلي ، وڪيل رحيم بخش ٻگھيو ، وڪيل پنھل کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد اھي ھوندا آھن جيڪي وسري ويندا آھن پر فاضل راھو ۽ رسول بخش پليجو اسان جي دلين جي ڌڙڪن آھن تقريب دوران سڪندر بروھي ، اسد راھي ۽ ٻين عوامي پورھيت تحريڪ ۾ شموليت ڪئي جڏھن ته سائره خاصخيلي سميت ٻين شاگردن شاگردياڻين ۽ معصوم ٻارڙن پاران وايون ٻڌائي داد حاصل ڪيو ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف زوردار نعرا ھنيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.