محمود اچڪزئي جي اڳواڻي ۾ اپوزيشن وفد جي اياز پليجي سان ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

حيدرآباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان چيئرمين محمود خان اچڪزئي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر جي  قيادت ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو وفد قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه  اياز لطيف پليجو جي گھر پھتو، جتي ٽنھي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن، عدليه ۽ پارليامينٽ جي اختيارن ۽ حقيقي جمهوريت جي بحالي تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي ڳالھائيندي چيو ته جيڪا وفاقي حڪومت عوام کان ماني جو گرھ کسڻ لڳي، اها ڪهڙي گورننس ڏيندي؟ سنڌ مان چونڊيل پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، پاڻ احتساب ڪن. ھن چيو ته 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن ۽ پيڪا ايڪٽ ذريعي عدليه ۽ صحافت کي ختم ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته پاڪستان جي مسئلن جو حل سڀني صوبن جون شڪايتون ختم ڪرڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. اسين سنڌ جي عوام ۽ هارين سان گڏ بيٺل آهيون.اسد قيصر چيو ته موجوده پارليامينٽ ۾ عوام جو حقيقي مينڊيٽ شامل ناهي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته سڀني صوبن کي گڏ رکڻ جو ذريعو آئين، عدليه، پارليامينٽ ۽ سنڌو درياءُ آهن،سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي. ھن چيو ته سنڌ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار درياءِ سنڌ تي آهي. حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن،سنڌ کي لينڊ مافيا ۽ قبضا گيرن حوالي ڪيو ويو آهي. حڪومت اقتداري مفادن لاءِ عوامي حقن کان هٿ کڻي چڪي آهي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضا بند ڪيا وڃن. ھن چيو ته سڀ سياسي قيدي فوري طور آزاد ڪيا وڃن. ھن چيو ته ملڪ ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ اسيمبليون موجود ناهن. ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته اسين سڀني صوبن لاءِ وڌيڪ صوبائي خودمختياري ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين. علامه ناصر عباس چيو ته  ڪرپشن ۽ ظلم خلاف سنڌ جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.