پنجاب ۾ ڪو به ڪچي يا پڪي جو ڌاڙيل ناهي: طلال چوڌري

لاهور(م ڊ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪو به ڪچي يا پڪي  جو ڌاڙيل ناهي. گوجرا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي طلال چوڌري چيو ته پنجاب ترقياتي ڪمن ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ اڳتي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ ڪچرو باقاعدگي سان گڏ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ اهڙي  صورتحال ناهي.وفاقي وزير مملڪت وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ڪو به ڏوهاري قانون جي پڪڙ مان بچي نٿو سگهي، ان کان علاوه صوبي جي هر حصي ۾ ڪارپيٽ روڊن جو نيٽ ورڪ آهي، جيڪو ٻين صوبن ۾ موجود ناهي.هن اها به دعويٰ ڪئي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ چيو ته شهري پنهنجن گهرن ۾ رهي سگهن ٿا ۽ بنا ڪنهن خوف جي سفر ڪري سگهن ٿا.طلال چوڌري چيو ته پنجاب ۾ پوليس ٿاڻا وڪرو نه ٿا ٿين ۽ شهري سوشل ميڊيا تي آزاديءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.