ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ جوابدار کي سندس ساٿي سميت 100 کان وڌيڪ نابالغ ڇوڪرن سان بدفعلي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس ٽيپو سلطان واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، ايس پي انويسٽيگيشن عثمان سدوزئي موجب، متاثر جي سڃاڻپ تي مک جوابدار عمران ۽ وقاص خان کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، گذريل پنجن سالن ۾ اهڙيون 9 شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن، جن ۾ 12 کان 13 سالن جي عمر جي ڇوڪرن کي نشانو بڻايو ويو. هڪ ڪيس ۾ ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي ملوث هجڻ جو به انڪشاف ٿيو. مک جوابدار عمران منصور ڪالوني جو رهواسي آهي ۽ پنڪچر جو ڪم ڪري ٿو، جيڪو ٻارن کي موٽرسائيڪل سان لالچائي ۽ پوءِ بدفعلي ڪري ملير نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندو هو. جوابدار جا ڊي اين اي نمونا موڪليا ويا آهن. آءِ جي سنڌ موجب، اهڙو ئي ڊي اين اي سامهون اچڻ کان پوءِ هڪ خاص ٽيم ٺاهي وئي. سنڌ جي وڏي وزير پوليس کي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ تي شاباشي ڏني ۽ هدايت ڪئي ته جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ممڪن اپاءَ ورتا وڃن. هن وقت تائين ست متاثرين سامهون آيا آهن جڏهن ته پوليس ٻين متاثرين جي ڳولا ۾ مصروف آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان واقعي جي جاچ لاءِ 6 جنوري تي هڪ خاص ٽيم ٺاهي، جنهن ڪارروائي ڪئي ۽ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو. بعد ۾ پوليس جوابدار کي جڊيشل مئجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوليس موجب، جوابدار عمران بابت خدشو آهي ته هن ڪجهه ٻارن سان بدفعلي ڪرڻ کان پوءِ انهن کي قتل به ڪيو. شروعاتي جاچ دوران، جوابدار ٻارن سان زيادتي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.