ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ اوڇر جي عدالت ۾ پي اي سي اي ايڪٽ تحت صحافي فرحان ملڪ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت صحافي فرحان ملڪ جي بريت جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت صحافي فرحان ملڪ کي ناڪافي ثبوتن جي ڪري بري ڪري ڇڏيو، صحافي فرحان ملڪ طرفان ايڊووڪيٽ عبدالمعيز جعفري عدالت ۾ پيش ٿيو، شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن 7 نومبر 2024 تي يوٽيوب تي هڪ ملڪ دشمن وڊيو تي ترفت نالي هڪ چينل تي ڏٺي هئي، شاهد چيو ته اها وڊيو نادرا آفيس جي ٻاهران هڪ ميڙ سان لاڳاپيل هئي، لکت ۾ چيو ويو ته شاهد اهو به نه ٻڌائي سگهيو ته ڄاڻايل وڊيو ۾ ڪنهن جي توهين ڪئي وئي آهي يا اهو ڪنهن جي ملڪ دشمن آهي.