گولاڙچي /حيدرآباد (ن ع آ+پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ھاري اڳواڻ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 39 ھين ورسي سڄي ۾ ملھائي وئي.ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي وفد سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو،سنڌياڻي تحريڪ جي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سونهن گوپانگ، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ ، گيان چند مھيشوري ، اسماعيل مھيري صاحب يوسف لاشاري، حسين درس،سائين بخش خاصخيلي،امام ڏنو شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ راھوڪي پھچي ھاري اڳواڻ ۽ سنڌ جي سورهيه شھيد عوام محمد فاضل راھو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي. گھگھر ڦاٽڪ تي فياض اتيرو ۽ فرحان لاڙ، ڪراچي جي علائقي رزاق آباد پريس ڪلب ۾ اشفاق چنڙ منان شيخ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس تي ورسي جو پروگرام ٿيو، جنھن ۾ سينيئر اڳواڻ نظير بليدي بابو ميمڻ الطاف خاصخيلي، زينت سمون، شوڪت سريوال ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ميھڙ شھر ۾ ايڊووڪيٽ مير کوسوزل، سومر چانڊيو، جاويد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ڊگھڙي ۾ شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيوش ڪرڙ ريٻاري، انور نوحاڻي، شھدادپور ۾ محمود رخشاڻي، زبير ماڪوڙاڻي، صدام کوسو، ڄام صاحب ۾ مير منگي، ابراھيم بگٽي، ڪنڌڪوٽ ۾ فدا مھمداڻي، سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، ارسلا بھلڪاڻي، ٺل ۾ روشن ڪنراڻي، فريد جعفريز وھاب ڪنراڻي، لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، نصيرآباد ۾ علي اڪبر خاصخيلي، ايڊووڪيٽ عنايت تنيو، ضمير کور، پناھ تنيو، شڪارپور ۾ زاھد گھلو، ايڊووڪيٽ ظفر چنا، امداد سومرو،مڪلي تي صدر ممتاز شيخ، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، ٽنڊو محمد خان جي شھر مويا ۾ رمضان رند، حنيف باگراڻي، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، مٺي ۾ زاھد گل اوٺو، سريش ڪمار،مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي، نعيم احمد، ظفر خاصخيلي، ٻنون شهر ۾ زين سومرو، بولا خان ڌماچ، ڪوٽڙي ۾ اعجاز سومرو اڳواڻ، ذاڪر گرگيز، نعيم شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي عبدالله چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته شهيد محمد فاضل راهو سنڌ جي مظلوم عوام، غريب هارين ۽ پورهيتن جو مضبوط آواز هو، ايڊووڪيٽ سانول گوپانگ ، ايڊووڪيٽ سونهن گوپانگ خطاب ڪندي چيو ته شھيد فاضل ساھ جي آخري ھڏڪي تائين قوم وطن سنڌ سان وفادار رھيو،ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد فاضل راھو رڪ مان ٺھيل سنڌ جو ثبوت ۽ سرويچ سپاهي ھو ،هو وڏيراشاهي، سرداري، جاگيرداري نظام سان نفرت ڪندو هو هن چيو ته شھيد فاضل راھو کي سمجهيو ويندو هو ته وڏيرو آهي ان جو علم، عقل سان واسطو نه ھوندو فاضل راهو ڊگرين وارو عالم نه پر عوامي ڄاڻ ۽ جدوجھد وارو عالم ھو.