آصف علي زرداري ۾ ڪا ته ڳالهه هوندي جو ٻيون ڀيرو سويلين صدر بڻيو:اعتزاز احسن

لاهور  (عوامي آواز رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ بئريسٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته آصف علي زرداري ۾ ڪا ته اهڙي ڳالهه آهي جو هو ٻيون ڀيرو سويلين صدر بڻيو آهي. ڪو عام سويلين جيڪڏهن 2 ڀيرا پاڪستان جو صدر بڻجي وڃي ته اها معمولي ڳالهه ناهي، پاڪستان جو صدر بڻجڻ سولو ناهي، ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي عادت هجڻ گهرجي، جهڪاءَ واري صلاحيت هوندي آهي، مان اهو اسٽيبلشمينٽ لاءِ نه پر ٻيان اتحادين ۽ سياستدانن لاءِ چئي رهيو آهيان، (صدر آصف علي زرداري) معاملن ۾ لچڪ ڏيکارڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙين چونڊن کي مان اليڪشن نٿو مڃي سگهان، بلاول ڀٽو زرداري کي هارايو ويو، عطا تارڙ کٽي  ئي نه سگهي ها. هن چيو ته لاهور پيپلزپارٽي جي جان آهي، لاهور مان بلاول هارائي وڃي، مان نٿو مڃان، پهريان ائين ٿيندو رهيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارا هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪيندا رهيا. سندس چوڻ هو ته جنهن ونڊر بواءِ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي اهو بلاول ناهي، اهو ڪو ويجهو ئي آهي ۽ لڪيل آهي جيڪو نظر نٿو اچي. سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جي مقرري وارو فيصلو سڀني لاءِ سٺو آهي. اچڪزئي اصول نه ڇڏيندو، اچڪزئي چئني صوبن جي عزت چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.