ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس موبائل ايپ ذريعي به اي چالان جي تياري

ڪراچي (رپورٽر) سيـف سٽي ڪئمرائن کان پوءِ هاڻ ٽريفڪ پوليس آفيسر ذاتي موبائل فون ذريعي به اي چالان جاري ڪري سگهندا، ڪراچي ۾ سيـف سٽي ڪئمرائن وسيلي اي چالان جاري ٿيڻ کان پوءِ هاڻ ٽريفڪ پوليس موبائل فون جي خاص ايپ ذريعي به اي چالان جو نظام شروع ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، پوليس عملدارن موجب ان مقصد لاءِ هڪ خاص ايپ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تحت جلد ئي تجرباتي طور ڪم شروع ڪيو ويندو، عملدارن موجب هي ايپ ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس آفيسرن جي ذاتي موبائل فونن ۾ ڊائون لوڊ ڪرائي ويندي، ڊيوٽي دوران جيڪڏهن ڪو پوليس آفيسر پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به گاڏي کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏسندو ته هو ايپ ذريعي تصوير ڪڍندو، عملدارن موجب خودڪار سسٽم تحت اها تصوير ٽريفڪ پوليس جي اي چالان واري آفيسر ڏانهن موڪلي ويندي، جيڪو ان ڀڃڪڙي تي اي چالان جاري ڪندو، جاري ٿيندڙ چالان ۾ لاڳاپيل ٽريفڪ پوليس آفيسر جي سڃاڻپ پڻ شامل هوندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.