شھيد فاضل راهو لطيف جي سورمن جو حقيقي روپ هو:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته شھيد فاضل راهو لطيف جي سورمن جو حقيقي روپ هو. شھيد فاضل راهو سنڌ جي قومي حقن واري جدوجھد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. شھيد فاضل راهو سنڌي قوم جو ڀرجهلو بڻيو. شھيد فاضل راهو عملي طور پورهيتن ۽ هارين لاءِ جدوجھد ڪئي. شھيد فاضل راهو سنڌ جي تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي. عوامي تحريڪ شهيد فاضل راهو کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي، شهيد فاضل راهو جي شهادت عوامي تحريڪ ۽ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. ٻي پاسي پورٽ قاسم اٿارٽي ذريعي شاهه حسين ٻيٽ تي وفاقي قبضي کي 1940ع جي قرارداد ۽ پاڪستان جي بنيادن کي ختم ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته شاهه حسين ٻيٽ تي قبضو سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت تي حملو آهي، شاهه حسين ٻيٽ 800 سالا تاريخ رکي ٿو، جنهن تي پورٽ قاسم اٿارٽي جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.