عدالتون ڪنهن جي جاگير ناهن،سردار پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن;ام رباب

دادو(رپورٽ غوث جھتيال) دادو ۾ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، 23 جنوري 2026 تائين  ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ فريادي ڌر جي وڪيل تفصيلي دليل پيش ڪيا جيڪي جاري رهندي مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ جا امڪان ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس سٺي نموني سان هلي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه سردارن جي طرفان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شاهديون موجود ناهن، اهڙيون ڳالهيون صرف اسان کي مايوس ڪرڻ لاءِ ڪيون پئي ويون. هن چيو ته 4 حاضرين کان اسان جو وڪيل قانوني نقطن تي هڪ هڪ ڪري دليل پيش ڪري رهيو آهي، جنهن سان اسان مطمئن آهيون ام رباب چانڊيو چيو ته سڀاڻي منهنجي ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي شهادت کي 8 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، ۽ اسان اڄ به ان ئي اميد سان عدالت ۾ آيا آهيون ته انصاف ضرور ملندو. هن الزام هنيو ته اسان جي گهر ۾ فوتگي ٿيل هئي ۽ تڏي تي ويٺل هئاسين ته سردارن جا هٿياربند ماڻهو اسان جي ويجهو کان گذري اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر اسان ڪنهن کان به ناهيون ڊنا ۽ نه ئي ڊڄنداسين هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سردار خان جهليو آهي ۽ ڪيس مان نالا ڪڍرائڻ لاءِ جهيڙو نه ڪيو وڃي، انهن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته عدالتون ڪنهن جي جاگير ناهن ۽ نه ئي ٿاڻو آهن، هتي قانون هلندو ، ام رباب چانڊيو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي معاملي تي به ڳالهايو. هن نادر جمالي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي 18 جنوري تي لڳندڙ ڌرڻي جي حمايت جو اعلان ڪيو. ام رباب چانڊيو چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏوهاري به هجي ته به ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لازمي آهي، عدالتن کان مٿاهون قتل ناانصافي، ظلم ۽ جبر کي جنم ڏين ٿا. هن چيو ته عدالتون ان لاءِ آهن ته ماڻهو اتي انصاف حاصل ڪن، نادر جمالي کي به عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. هن وڌيڪ چيو ته تاريخ شاهد آهي ته فرعون ۽ نمرود جهڙا ماڻهو به پاڻ کي وقت جو خدا سمجهندا هئا، پر انهن جو انجام به خراب ٿيو. اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا. ام رباب چانڊيو چيو ته مان هميشه مظلومن سان گڏ بيٺي آهيان ۽ سنڌ جي هر مظلوم جو ساٿ ڏنو آهي، نادر جمالي جو واقعو وڏو سانحو آهي، ڪير ڪيترو به طاقتور هجي، قانون کان مٿاهون ناهي.

ميهڙ واقعي کي 8 سال پورا، ڪيس جو فيصلو نه آيو

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ واقعي کي 8 سال ٿي ويا ميهڙ ۾ 17 جنوري 2018 تي صبح جي وقت قتل ٿيل ام رباب جي  والد ، ڏاڏي ء چاچي اڳوڻي يو سي چيئرمين ڪرم الله چانديو ، تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو ۽ اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 8 سال مڪمل ٿي ويا، مقتولن جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ 8 سال گذرڻ باوجود مقتولن جي ڪيس جو فيصلو اچي نه سگهيو، واقعي کي 8 سال گذرڻ کان پوءِ مقتولن جي 8 ورسي ام رباب چانڊيو پاران ماسات جي فوتگي سبب سادگي سان ملھائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ورسي جي موقعي تي گھر ۾ قرآن خواني ڪئي ويندي بعد ۾ مقتولن جي وارثن پاران مزارن تي حاضري پڻ ڀري ويندي ۽ ام رباب چانڊيو پاران ورسي جي موقعي تي اھم پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، واقعي بعد مقتولن جو قتل ڪيس پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ، پ پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو ، مرتضي چانڊيو ، ذوالفقار چانڊيو ، سڪندر چانڊيو ، علي گوهر چانڊيو ، عبدالستار چانڊيو ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او فريدآباد ڪريم علي چانڊيو سميت 8 جوابدارن تي داخل آهي جنهن مان 4 جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، ايم پي اي برهان چانڊيو ، ستار چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ضمانت تي آزاد آهن، 4 جوابدار جيل ۾ آهن مقتولن جو قتل ڪيس نوشھرو فيروز ، دادو ، سکر , ميرپور ماٿيلو جي عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو جڏهن ته ڪيس بابت هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سکر، سپريم ڪورٽ ۾ به اپيلون ٿيون پر ھن وقت تائين ڪيس جو فيصلو نه ٿي سگهيو، ياد رھي ته ميهڙ ۾ 17 جنوري سال 2018ع تي ميهڙ جي ڊي ايس پي آفيس ۽ ٻن ٿاڻن کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي هٿياربندن حملو ڪري ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي يو سي چيئرمين پ پ پ اڳواڻ ڪرم الله چانڊيو ، تمندار ڪائونسل جي چيئرمين مختيار چانڊيو ، پ پ پ طرفان ضلعي ڪائونسل جي ان وقت جي چونڊيل ميمبر قانون جي شاگرد قابل چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو .

دنيا کي خبر آهي ته منشيات ڪير ٿو کپائي:سردار چانڊيو

دادو(ڊ ر)پ پ  ايم پي اي سردار چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي رهيا آهن. هن چيو ته  ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اسان کي آفيم کڻڻ تان جهليو ويو ۽ وري پاڻ چون ٿا ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. سردار چانڊيو دعويٰ ڪئي ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته منشيات ڪير ٿو کپائي، جنهن شخص جو اسان مٿان الزام آهي ان خلاف 2005 کان سپريم ڪورٽ تائين جا ڪيس موجود آهن. سردار چانڊيو چيو ته اسان پنهنجي شاهدين تي مطمئن آهيون، حقيقت ڪنهن کان به لڪل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته قتل جي وقت برهان خان ڪٿي ويٺو هو، ان جا رڪارڊ به موجود آهن، جڏهن ته ان وقت جو ڊي آءِ جي حيدرآباد پڻ ساڻس گڏ هو، ٻن ڪلاڪن اندر قتل ڪري بدين پهچڻ ممڪن ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته جن وٽ هو ويٺا هئا، انهن ئي شاهديون ڏنيون آهن. ان موقعي تي تمندار ڪائونسل جي فائونڊر ميمبر هجڻ جي دعويدار حنيف چانڊيو چيو ته تمندار ڪائونسل سماجي ڀلائي لاءِ ٺاهي وئي هئي، ان جو سردارن سان ڪو به واسطو نه هو، فريادين جا الزام اجايا آهن، اها ڪائونسل هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.آ

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.