نادر جمالي جي قتل خلاف ميرپورخاص جي وڪيلن جو احتجاج

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) دادو پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ زميندار نادر جمالي کي مارڻ خلاف ميرپورخاص جي وڪيلن  پاران بار ڪائونسل اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص جي صدر شوڪت راهمون، مير پرويز ٽالپر، ڪانجي مل، ممتاز جروار، خادم جمالي، ڳلي بخش ٽالپر ۽ ٻين چيو ته نادر جمالي کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، پوليس جي اهڙن غير قانوني عمل سبب پوليس تان عوام جو اعتبار کڄي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جڙتو مقابلي جي ڪردارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.