نيويارڪ/تهران(عوامي آواز رپورٽ)ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران سان مسئلا سفارتي طريقن سان حل ڪري سگهجن ٿا۔اسرائيلي آمريڪي ڪائونسل ۾ خطاب دوران جڏهن انهن کان ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي امڪان بابت سوال ڪيو ويو، ته هن جواب ڏنو: ”مون کي اميد آهي ته اسان سفارتڪاري جي ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهنداسين،هوڏانهن گڏيل قومن۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار ايران ۽ علائقي جي صورتحال بابت پريشاني جو اظهار ڪندي سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو،هن چيو ته اسان ايران ۽ علائقي جي صورتحال جو ويجهي جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ سڀني تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکون ٿا۔عاصم افتخار چيو ته ٻاهرين مداخلت اقوام متحده جي چارٽر جي خلاف آهي، مستحڪم ايران پاڪستان ۽ علائقي جي مفاد ۾ آهي۔آمريڪي نمائندي خطاب ڪندي چيو ته لکين ايراني حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، ۽ اسان ايران جي بهادر عوام سان گڏ بيٺل آهيون۔ايران ۾ قتل ۽ خونريزي روڪڻ لاءِ سڀئي آپشنز غور هيٺ آهن۔ هن چيو ته مظاهرين جو قتلِ عام بند ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن قتلِ عام نه رڪيو ته مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويندو، ۽ صدر ٽرمپ رڳو ڳالهين وارو ماڻهو ناهي پر عمل ڪرڻ وارو شخص آهي، جيڪو عمل تي يقين رکي ٿو۔چيني نمائندي چيو ته آمريڪا ايران تي طاقت استعمال ڪرڻ جي ڪوشش فوري طور بند ڪري ۽ اسان دنيا کي ”جهنگ جي قانون“ ڏانهن ڌڪڻ جي مخالفت ڪريون ٿا۔ٻئي پاسي، چيني پرڏيهي وزير وانگ اي ايراني وزير خارجه عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي،روسي نمائندي چيو ته سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سرڪس کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، اهڙو اجلاس سڏائڻ شرمناڪ آهي۔هن چيو ته ٻاهرين طاقتون ايران ۾ موجوده حالتن کي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيون آهن،ٻئي پاسي روسي صدر ولاديمير پيوٽن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن دوران هن ٻنهي ملڪن کي ٽياڪڙي جي آڇ پڻ ڪئي آهي۔ڪريملن موجب ٽيليفونڪ ڳالهين دوران صدر پيوٽن زور ڏنو ته ”روس ثالثي جون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي۔ماسڪو ايراني صدر سان ٿيل هن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي نتيجن جو تمام جلد اعلان ڪندوهن دعويٰ ڪئي ته ”روسي صدر علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.