سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ڀرپور نموني ملهائينداسين: دودو ديشي

حيدرآباد (رپورٽر) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ ڀائو دودو ديشي، ايڊووڪيٽ عبدالستار  هليو چيو آهي ته رھبرسائين جي ايم سيد جي سالگرهه اڄ سن ۾ وڏي جوش جذبي سان ملهائي ويندي، سن شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويندو، سياسي سماجي اڳواڻن صحافين کي دعوتون ڏنيون ويون آهن، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين دودو ديشي، لاڙڪاڻي بار جي  سينيئر ايڊووڪيٽ عبدالستار ھليو. وڪيل اي ڊي عباسي، اديب وفا صالح راڄپر، ليکڪ ياسر منگي باڊهه ۾ جسقپ جي باني ڀائو قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڄ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه سن ۾ وڏي جوش جذبي سان ملهائي ويندي، سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ سيد جي مزار  تي اڳواڻ حاضري ڀريندا ، مرڪزي وفد ڪراچي کان جسقپ سربراھ سوڀ قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ جي اڳواڻي ۾ سن کي سائين جي ايم سيد جي تصويرن پينافليڪس ۽ ڳاڙهن جنهڊن سان ڪنوار جيان سينگاريو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.