ڪراچي (پ ر) جماعتِ اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ بلاول ڀٽو زرداري پاران اسلام آباد ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ ۽ دعوائن کي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي اوچتو سنڌ جي وسيلن جي ياد ڪيئن اچي وئي آهي، جڏهن ته اها پنهنجي ناني جي دور کان وٺي خاص طور گذريل 17 سالن کان لڳاتار سنڌ ۾ اقتدار ۾ رهي آهي؟ جيئن هن پارٽي پاڻي، زمينن، ڪارونجهر جبل کي ٽوڙڻ کان وٺي گيس، بجلي، ڪوئلو، گورک هِل ۽ اين ايف سي ايوارڊ تائين سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سوديبازي ڪئي آهي، اها ڪنهن کان لڪل ڳالهه ناهي، بي شمار وسيلن سان مالامال سنڌ جا ماڻهو اڄ جي جديد دور ۾ به پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم ۽ امن جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 50 سيڪڙو آبادي گيس ۽ 30 سيڪڙو گهر بجلي جي نعمت کان محروم آهن، گيس جي ڪُل پيداوار جو 72 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿو، پر پوءِ به سنڌ ۾ چلھا ٿڌا آهن ۽ اونداهين جو راڄ آهي، سنڌ ۾ گذريل 17 سالن کان لاڳيتو ۽ سراسري طور تي اڌ صدي کان پ پ حڪومت هجڻ باوجود سنڌ ۾ صحت، تعليم، روڊ رستن توڙي امن امان جي حالت انتهائي خراب آهي، ميڊيا ۾ اسڪولن جا چاپڙ ڪرڻ توڙي معصوم ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ جون روزانو خبرون اچن ٿيون جڏهن ته اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ جي ڊسٽرڪٽ اسپتالن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي.