لاهور، ججن جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪندڙ 8 جوابدار گرفتار

لاهور (بيورو) لاهور ۾ اعليٰ عدليه جي ججن جي سوشل ميڊيا تي ڪردارڪشي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، جتي اين سي سي آءِ اي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، اين سي سي آءِ اي موجب گرفتار جوابدارن سوشل ميڊيا تي ججن مٿان توهين آميز ۽ بدنام ڪرڻ جا الزام هنيا هئا، ان  سلسلي ۾ اين سي سي آءِ اي پنهنجي رپورٽ لاھور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي، واضح رهي ته لاھور هاءِ ڪورٽ پوئين ٻڌڻي ۾ اين سي سي آءِ اي کي سخت نوٽيس جاري ڪندي ڊي جي اين سي سي آءِ اي کي 15 جنوري تي ذاتي حاضري جو حڪم ڏنو هو، عدالت چيو ته هن معاملي جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ٿيندي، ججن خلاف مهم هلائيندڙن جون لسٽون تيار ڪيون وينديون ۽ مستقبل ۾ اهڙيون پوسٽون نظر اينديون ته ان جي ذميواري ڊي جي تي ٿيندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.