عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽجڻ باوجود حڪومت پيٽرول اگهه نه گهٽايا

اسلام آباد (بيورو) عالمي منڊي ۾ تيل اگهه گهٽجڻ باوجود حڪومت پيٽرول جا اگهه نه گهٽايا، وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ساڳيون برقرار رهنديون، پيٽروليم  ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت 253 روپيا 17 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت 257 روپيا 8 پئسا في ليٽر برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عوام کي اميد هئي ته چار کان پنج رپين تائين پيٽرول جا اگهه گهٽايا ويندا پر حڪومت عالمي منڊي ۾ تيل اگهه گهٽجڻ باوجود ملڪ ۾ پيٽرول جا اگهه نه گهٽايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.