اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير سن هائيان سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان جو چين سان تعلق هر حالت ۾ غير متزلزل رهندو ۽ پاڪستان ون چائنا پاليسي تي پنهنجي وابستگي تي قائم رهندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير سن هائيان وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان دوران وزيراعظم چيني مهمان ۽ سندس وفد جو پاڪستان ۾ استقبال ڪيو ۽ چيو ته هي دورو هڪ اهم موقعي تي ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن سال جي شروعات پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي بيجنگ جي ڪامياب دوري سان ٿي، جنهن کان پوءِ گهرو وزير شنگھائي جو دورو ڪيو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي به ايندڙ ڏينهن ۾ چين جو دورو ڪرڻ جي اميد آهي.معاشي تعاون تي ڳالهائيندي، وزيراعظم پاڪستان کي چين جي سخاوتمندانه مدد جي تعريف ڪئي، خاص طور تي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت، ۽ سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جي بروقت ۽ موثر عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو.وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي هن سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي به ورجايو، چيو ته هي سال ٻنهي ملڪن لاءِ خاص اهميت ۽ تاريخي سنگ ميل رکي ٿو.