لاهور(بيورو) پنجاب حڪومت سرڪاري محڪمن ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پئٽرول ۽ ڊيزل گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي چيف سيڪريٽري موجب، مستقبل ۾ صرف اليڪٽرڪ يا هائبرڊ گاڏيون خريد ڪري سگهبيون، جڏهن ته فيلڊ ڊيوٽي لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي استثنا ڏنو ويندو.چيف سيڪريٽري چيو ته نون پيٽرول پمپن لاءِ اين او سي صرف اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽ سان مشروط هوندي،
-
پي اي سي اي ايڪٽ تحت گرفتار صحافي اسلم شاهه جي ضمانت منظور
ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مجسٽريٽ ڪراچي ڏکڻ پي اي سي اي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيل صحافي اسلم شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت صحافياسلم شاهه کي 30 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اسلم شاهه کي واٽر ڪارپوريشن جي آفيسر جي شڪايت تي پي اي سي اي ايڪٽ تحت اسلم شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، اسلم شاهه جي وڪيل نعيم قريشي چيو ته ڪير نه ٿو ڄاڻي ته پاڻي واٽر هائيڊرنٽس ذريعي وڪرو ڪيو پيو وڃي، هڪ صحافي کي هن ڏوهه جي رپورٽنگ ڪرڻ تي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، نعيم قريشي چيو ته اسلم شاهه جو 32 سالن جو صحافتي ڪيريئر آهي، سڄو پريس ڪلب سندس پويان بيٺو آهي، اسلم شاهه جي وڪيل الزام لڳايو ته اهڙي قانون سازي ڪئي وئي آهي، صحافين کي سچ لکڻ تي جيل ۾ وڌو ويو آهي، عدالت پنهنجي سوال ۾ پچاڻو ڪيو ته صحافين جي تحفظ واري قانون جي موجودگي ۾ صحافي کي ڪيئن گرفتار ڪري سگهجي ٿو ،اين سي سي آءِ جي وڪيل چيو ته ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڪنهن به اسڪينڊل خلاف لکڻ ڏوهه ناهي، سوشل ميڊيا تي الزامن جي رپورٽنگ تي اعتراض آهي، عدالت چيو ته ڇا سوشل ميڊيا تي رپورٽنگ ڪنهن کي بدنام ڪري ٿي؟ اين سي سي آءِ اي جي وڪيل چيو ته صحافت ٽي وي ۽ اخبارن لاءِ آهي، سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، واٽر بورڊ آفيسر جي شڪايت تي پي اي سي اي ايڪٽ تحت اسلم شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.