ن ليگ، پيپلزپارٽي کان سياست سکي

علي محمد ڍلون

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جتي سڄي دنيا جي سياست ۾ هلچل مچي وئي آهي، اتي پاڪستان جي سياسي افق تي به ڇانيل ڪڪر ”سڀ ٺيڪ آهي“ جهڙيون خوشخبريون نٿا ڏين. حقيقت اها آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي باقاعده “اپوزيشن” موجود ناهي. اهڙي صورتحال ۾ خيبر پختونخوا جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ”اسٽريٽ موومينٽ“ کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هو پهرين پنجاب آيو، جتي پنجاب جي روايتي مهمان نوازي جي ابتڙ، ساڻس ناروا سلوڪ ڪيو ويو. ان جي ابتڙ، سنڌ حڪومت خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ جو استقبال ڪري، هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي سرگرمين کي نه رڳو بحال ڪيو، پر ان مان ڪيترائي سياسي مقصد به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. پيپلزپارٽي جو هي قدم دراصل هڪ گهري، خاموش ۽ دور رس سياسي حڪمتِ عملي هو، جنهن کي گهڻا ماڻهو شروعات ۾ سمجهي نه سگهيا. جڏهن ملڪ جي ٻين صوبن ۾ سياسي سرگرمين تي بندشون لڳايون پئي ويون، تڏهن پيپلزپارٽي سنڌ کي هڪ مختلف واٽ ڏيکاري.

پيپلزپارٽي تحريڪِ انصاف کي جلسن جي اجازت ڏئي اهو تاثر ڏنو ته سنڌ ۾ اختلافِ راءِ تي پابندي ناهي، بلڪه هتي سياست کليل ميدان ۾ ڪئي وڃي ٿي. هي پيغام رڳو عوام لاءِ نه هو، پر اسٽيبلشمينٽ، عدليه، ميڊيا ۽ عالمي مبصرن لاءِ به هو ته پيپلزپارٽي پاڻ کي هڪ بالغ، جمهوري ۽ نظام جي اندر رهندي سياست ڪندڙ جماعت طور پيش ڪرڻ چاهي ٿي. هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت وڏي هوشياري سان تحريڪِ انصاف کي ڪراچي ۾ جلسن جلوسن جي اجازت ڏئي سياسي راند کيڏي؟ ته ان جو پهريون “شاٽ” خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ جو سرڪاري استقبال هو. جمعي جي ڏينهن سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ايئرپورٽ تي وزيراعليٰ خيبر پختونخوا جو استقبال ڪيو، جنهن کي مختلف حلقن طرفان ساراهيو ويو. ان قدم سان پيپلزپارٽي سڀ کان پهرين ايم ڪيو ايم کي واضح پيغام ڏنو ته هاڻي ڪراچي ۾ توهان جو ڪو خاص وجود ناهي؛ هتي يا ته پيپلزپارٽي آهي يا پي ٽي آءِ. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم کي اهو به چئي ڇڏيو ويو ته اسان سان ٽڪراءُ ۾ نه اچو، اهو توهان جي لاءِ ئي بهتر هوندو.ٻئي پاسي، پيپلزپارٽي اهو به واضع ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي پاليسي تبديل ڪئي ته ڪيترا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. فيصلا ڪندڙ حلقا اڳ ئي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا سان مڪمل طور تي مطمئن ناهن، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن پيپلزپارٽي کي به تنگ ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ سان لاڳاپا به خراب ٿي سگهن ٿا. ٽيون اهم نُڪتو اهو هو ته پيپلزپارٽي ن ليگ کي به سياسي طور ڪمزور ڪيو ۽ عوام کي ٻڌايو ته اهو غلط تاثر آهي ته ملڪ ۾ جلسن جلوسن کان طاقتور حلقا روڪين ٿا، ڇو ته جيڪڏهن اهڙو هجي ها ته سڀ کان پهرين پيپلزپارٽي کي روڪيو وڃي ها. اهڙيءَ ريت پيپلزپارٽي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سياسي سرگرمين جي راهه ۾ اصل رڪاوٽ ن ليگ آهي، نه ڪي ٻيا حلقا. چوٿون، پيپلزپارٽي هڪ ٻي سياسي چال به هلي: تحريڪِ انصاف کي اندرونِ سنڌ وڃڻ نه ڏنو ويو، بلڪه ان کي حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين محدود رکيو ويو. اهي ٻئي شهر اڳ به پيپلزپارٽي جا مضبوط ڳڙهه نه رهيا آهن. نتيجي طور، هن سڄي راند ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ن ليگ کي ٿيو.

پيپلزپارٽي اهو به سمجهيو ته سياستدان، آخر سياستدان ئي هوندا آهن. هنن اکيون ٻوٽي فيصلا ڪندڙن جي هر ڳالهه نه مڃي، بلڪه جيڪڏهن جلسن ۾ شرڪت ڪندڙن کي روڪيو به ويو ته اهو نرم انداز ۾ ڪيو ويو، پنجاب پوليس وانگر بي قابو ٿي نه ويا. آچر جي ڏينهن مزارِ قائد وٽ جلسي کي روڪڻ لاءِ شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪيو ويو، اهو به انهي بنياد تي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن رياستي ادارن خلاف نعرا هنيا هئا. مختصر اهو ته، پيپلزپارٽي هڪ طرف اهو ڏيکاريو ته اسان “انهن” سان به گڏ آهيون، ۽ ٻي طرف هو مسلسل اهو به ڏسندا رهيا ته جلسن ۾ ڪيترو عوام شرڪت ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪٿي رش وڌڻ جو امڪان ٿيو ته رنڊڪون وڌايون ويون، جيئن عوامي ميڙ وڌيڪ نمايان نه ٿي سگهي، ڇو ته پيپلزپارٽي اهو ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ جذباتي نعرا ته هڻي سگهي ٿي، پر زميني طاقت نٿي رکي.

جڏهن جلسا ٿيا ۽ اميد مطابق وڏا هجوم نظر نه آيا ته پي ٽي آءِ جو “اسان تمام گهڻا مقبول آهيون” وارو بيان پاڻمرادو ڪمزور ٿي ويو. اهڙيءَ ريت پيپلزپارٽي بنا گرفتاري يا سخت لاٺي چارج جي، پنهنجي وڏي سياسي مخالف کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو. هي فيصلو هڪ ٻئي حوالي سان به هوشياراڻو هو. جڏهن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳايو پيو ويو، تڏهن سنڌ ۾ ان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. ان فرق پيپلزپارٽي کي اخلاقي برتري ڏني. هاڻي هو چئي سگهي ٿي ته اسان مخالفن کي دٻائڻ بدران عوام جي سامهون مقابلو ڪيون ٿا. اها ئي تصوير آهي، جيڪا هڪ سنجيده سياسي جماعت دنيا کي ڏيکارڻ چاهي ٿي.

ان قدم وسيلي پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ کي به پيغام ڏنو ته اسان ٽڪراءُ بدران توازن جا قائل آهيون، اسان نظام کي هلائڻ ڄاڻون ٿا، بگاڙڻ نه. اهڙي وقت ۾، جڏهن ملڪ سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي، هي پيغام تمام اهميت رکي ٿو. اهڙيءَ ريت پيپلزپارٽي تحريڪِ انصاف کي جلسن جي اجازت ڏئي ڪا رعايت نه ڏني، بلڪه نفسياتي ۽ سياسي برتري حاصل ڪئي. هن اهو ثابت ڪيو ته طاقت جو اصل اظهار پابندين سان نه، پر اعتماد سان ٿيندو آهي، ۽ شايد اهڙي سياست ئي ڊگهي عرصي ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. هڪ ٻيو پهلو به غور طلب آهي. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪمران آهي، پر پنجاب ۾ جاءِ چاهي ٿي. تحريڪِ انصاف پنجاب ۾ سياسي وجود بچائڻ ٿي چاهي، پر سنڌ ۾ ساهه کڻڻ لاءِ جاءِ گهري ٿي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ خاموش سياسي سمجهوتو ممڪن نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي ميدان ۾ مڪمل رنڊڪ نه بڻجن.

البته، هي اتحاد يا هم آهنگي ڪڏهن به پائيدار نه هوندي، ڇو ته پيپلزپارٽي جو مزاج مفاهمت وارو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو مزاج ٽڪراءَ وارو. هڪ استحڪام ٿي چاهي، ٻي مزاحمت. ان فرق سبب، جيڪڏهن ٻئي ويجهو به اچن ته اها ويجهڙائپ عارضي ۽ مفادن تي ٻڌل هوندي، نه ڪي ڪنهن گڏيل ويزن تي. بهرحال، هن وقت حالتون پيپلزپارٽي جي حق ۾ نظر اچن ٿيون، ۽ اهو سڀ ڪجهه پي پي پي جي سياسي حڪمتِ عملي جو نتيجو آهي. ان ڪري منهنجي ن ليگ وارن کي ادب سان گذارش آهي ته جتي اوهان هڪ ٻئي کان ڪرپشن، ڪرپشن کيڏڻ سکيو آهي، اتي پيپلزپارٽي کان سياست ڪرڻ به سکي وٺو. يقينن ان سان اوهان کي فائدو ٿيندو، نه ته لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اوهان سياست ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.