تازين خبرن موجب پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري پشاور ۾ 9 مئي جي واقعن بابت وڊيو فوٽيج جي تصديقي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته خيبر پختونخوا جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي، ڪامران بنگش، تيمور جهگڙا ۽ عرفان سليم انهن ماڻهن ۾ شامل آهن، جيڪي وڊيوز ۾ نظر اچي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڇا تحريڪِ انصاف هاڻي بيهي غور ڪندي ته هن وقت تائين اختيار ڪيل حڪمتِ عملي ان کي آخر ڇا ڏنو آهي؟
تحريڪِ انصاف کي 9 مئي جي واچوڙي مان نڪرڻو پوندو. هن بوجهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کانسواءِ اڳتي ڳالهه وڌندي نظر نٿي اچي. پهرين ڏينهن کان ئي اهو صاف هو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سياست نه هو، بلڪه هڪ انتهائي سنگين معاملو هو. تحريڪِ انصاف جي قيادت کي ٻئي ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڻ موقعو ڏنو ته هو ان جي کليل مذمت ڪري. جيڪڏهن عمران خان اهو ڪم اتي ئي ڪري ڇڏي ها ته شايد ڳنڍيل ڏوري وڌيڪ نه اُلجهي ها، پر ائين نه ڪيو ويو. بهانا ڪيا ويا ۽ ”پوسٽ ٽروٿ“ واري روايتي هربن جو سهارو ورتو ويو ته ”اسان ته هئاسين ئي نه“ وغيره وغيره. هي معاملو ايترو سادو نه هو جو اهڙي نموني نبيرجي وڃي. تحريڪِ انصاف جي قيادت اها ڳالهه سمجهي نه سگهي. نتيجي طور هن بوجهه کي اڄ تائين ڪلهن تي کنيو ويٺي آهي، جنهن سبب قومي سياست واچوڙي ۾ ڦاٿل آهي.
ڪو به واقعو اوچتو نٿو ٿئي. هر واقعي جي پٺيان هڪ زنجير هوندي آهي، هڪ تسلسل هوندو آهي، هڪ ڪڙي ٻي ڪڙي سان ڳنڍيل هوندي آهي. 9 مئي ۾ به ايئن ئي ٿيو. ڪي ماڻهو باقاعده ڏنڊا کڻي شهيدن جي يادگارن کي ٽوڙيندا ۽ ساڙيندا رهيا، جڏهن ته ڪي اهڙا به هئا، جيڪي ان سموري عمل جا منصوبه ساز هئا. اهو ڪو اوچتو جذباتي ردِعمل نه هو، بلڪه هڪ طئي ٿيل منصوبو هو، جنهن جو آخري مرحلو 9 مئي تي سامهون آيو. ان کان اڳ نفرت تي ٻڌل بيانيي کي اڀاريو ويو، رياستي ادارن خلاف نفرت کي ايترو وڌايو ويو، جو اهڙن واقعن جو جنم وٺڻ فطري ڳالهه بڻجي ويو. هن سموري واقعي ۾ سڀني جو ڪردار رهيو. ڪن زهر آلود بيانيي کي هٿي ڏني، ڪن مظاهرين جي قيادت ڪئي، ڪن خاص هنڌن تائين ماڻهن کي پهچائڻ ۾ سهولتڪاري ڪئي، ڪن سوشل ميڊيا تي باهه لڳائي، جڏهن ته ڪن وڏين گاڏين ۾ ويهي قيادت جا فرض نڀايا ۽ فتح جا نشان ٺاهيندا رهيا. هن سڀني کان بري الذمه ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀني ڏٺو. جلسن جلوسن جو پنهنجو هڪ مزاج هوندو آهي. ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. اتي عقل کان وڌيڪ جذبات حڪمراني ڪندا آهن. اهو به ضروري ناهي ته جلوس ۾ شامل هر ماڻهو هڪ جهڙي مجرماڻي نيت رکي يا سڀني کي خبر هجي ته آخر ڪرڻ ڇا وڃي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اصل ۽ وڏي ذميواري انهن تي اچي ٿي، جيڪي فيصلا ڪندڙ هوندا آهن. هتي فيصلا ڪندڙن باهه لڳائي، ڪجهه ساڻ هئا ۽ ڪجهه زنده تبصرا ڪندا رهيا. اهو سڀ ڪجهه فتنہ ۽ فساد هو، جيڪو اسان ان ڏينهن ڏٺو. اهو سياست نه هئي.
شهيدن جي يادگارن جي توهين ڪئي وئي، ڪهڙو ڪهڙو عمل نه ٿيو. اهو سڀ ڏسي جيڪڏهن ڪنهن کي اهو خيال هو ته قانون مرڪندي ”گڊ ٽو سي يو“ چئي ڀاڪر پائيندو ته اها وڏي خام خيالي هئي. ان واقعي جي کليل مذمت ۽ معافي ضروري هئي. مون 6 سيپٽمبر تي به لکيو هو ته اهو موقعو به آهي، دنيا جي رسم به آهي ۽ دستور به آهي ته تحريڪِ انصاف ان سڀني ڳالهين تي معافي گهري ۽ شهيدن جي يادگارن تي گل رکي اچي. معذرت ڪري، معافي وٺي. ان سان قد گهٽ نه ٿيندو، پر وڌيڪ اوچو ٿيندو. حڪومت سان ناراضگي ٿي سگهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار بابت شڪايتون به ٿي سگهن ٿيون، پر شهيد ته سڀني جا گڏيل هئا.
تحريڪِ انصاف اهو ڪم اڃا تائين نه ڪري سگهي. ان جو خيال هو ته عدليه ۾ ميدان سيٽ ٿي چڪو آهي، ڪيترن سالن تائين انصاف جي چشمن مان ماکي جهڙي مٺاس وهندي رهندي ۽ وڪيل اڳواڻ کين بچائي وٺندا. پر هاڻي صورتحال اها آهي ته وڪيل اڳواڻ ته پارٽي جي سهاري پارليامينٽ ۾ پهچي ويا آهن، پر پارٽي اتي ئي بيٺل آهي. هاڻي تازين فرانزڪ رپورٽن موجب، پشاور پوليس جي درخواست تي ليبارٽري وڊيوز جو تفصيلي آڊيو ۽ وڊيو تجزيو ڪيو آهي، جنهن ۾ سهيل آفريدي ڦاٿل نظر اچي رهيا آهن. هي رپورٽ 16 وڊيو ڪلپس تي ٻڌل آهي، جيڪي پشاور جي ٿاڻي شرقي طرفان يو ايس بي ذريعي فراهم ڪيون ويون. خبرن موجب، ليبارٽري فريم به فريم جائزو ورتو. ڪيترين وڊيوز ۾ ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ جا آثار ناهن مليا، جڏهن ته ڪجهه ڪلپس ۾ ماڻهن ۽ تحريرن جي اضافي جا ثبوت مليا آهن. ٻن وڊيوز ۾، جن ۾ سهيل آفريدي ۽ عرفان سليم نظر اچن ٿا، ڪلپس کي ڳنڍڻ جا ثبوت به مليا آهن. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سهيل آفريدي، عرفان سليم، ڪامران بنگش ۽ تيمور جهگڙا جي پروفائل تصويرن جو وڊيوز ۾ موجود ماڻهن سان مقابلو ڪيو ويو، جنهن ۾ چارئي ڪيسن ۾ تصديق ٿي آهي ته وڊيوز ۾ نظر ايندڙ ماڻهو ساڳيا ئي آهن.
هي فرانزڪ جاچ 19 ڊسمبر کان 23 ڊسمبر 2025 تائين ڪئي وئي ۽ تجزيو صرف وڊيو مواد تائين محدود رکيو ويو. ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ريڊيو پاڪستان تي حملي جي ڪيس ۾ پوليس کي فرانزڪ رپورٽ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڏني هئي. هاڻي پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ پشاور پوليس وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي ملزم نامزد ڪرڻ بابت مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. تحقيقاتي ٽيم جي ميمبرن موجب، جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن آءِ جي خيبر پختونخوا کي بريفنگ ڏني آهي ۽ پوليس جي قانوني شاخ کان به راءِ ورتي پئي وڃي.خطو اڳ ئي بيچيني جو شڪار آهي. ايران جي صورتحال اسان جي سامهون آهي، جڏهن ته هتي ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي ۽ قومي سياست ذاتي انا کان مٿي نٿي اُٿي. تحريڪِ انصاف جي هر ڳالهه جي ڪا نه ڪا توجيه پيش ڪري سگهجي ٿي، سياسي معاملن ۾ ان جون ڪجهه شڪايتون جائز به ٿي سگهن ٿيون، پر 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو بچاءُ نٿو ڪري سگهجي. اهو سياست نه هو، بلڪه کليل فتنه گري هئي.