سيئول(م ڊ) ڏکڻ ڪوريا ۾ پراسيڪيوٽرن مارشل لا ڪيس ۾ اڳوڻي صدر يون سيوڪ-يول لاءِ موت جي سزا جي درخواست ڪئي آهي. يون سيوڪ-يول ڊسمبر 2024 ۾ سول حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ مارشل لا لاڳو ڪيو، جنهن کان پوءِ فوجي دستا پارليامينٽ جي عمارت ۾ داخل ٿيا، پر اهو قدم ناڪام ٿيو ۽ جنوري 2025 ۾ کيس حراست ۾ ورتو ويو. يون سيوڪ-يول ڏکڻ ڪوريا جو پهريون صدر آهي جنهن کي عهدي تي رهڻ دوران گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا جي اعلان سان لاڳاپيل بغاوت، طاقت جي غلط استعمال ۽ ٻين الزامن تي اڳوڻي صدر خلاف فوجداري مقدمو اڱاري تي ختم ٿيو. اختتامي دليلن ۾، پراسيڪيوٽرن يون کي آمريت ۽ ڊگهي مدت جي طاقت جي خواهش تي ٻڌل "بغاوت” جو مک ڪردار قرار ڏنو ويو. پراسيڪيوٽرن چيو ته يون پنهنجي عملن تي ڪو به پشيماني نه ڏيکاري، جيتوڻيڪ انهن عملن آئيني حڪم ۽ جمهوريت کي سخت خطرو آهي.پراسيڪيوٽرن اڳوڻي دفاع وزير ڪِم يونگ-هيون لاءِ عمر قيد جي سزا جي به درخواست ڪئي آهي. هن ڪيس ۾ اٺ جوابدار شامل آهن جن کي مارشل لا جي ڪوشش ۾ اهم شخصيت سمجهيو ويندو آهي، جن ۾ يون سُڪ-يول ۽ ڪِم يونگ-هين شامل آهن.