ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ 8 فيبروري جي ڦيٿو جام هڙتال واپس وٺي. ڪورنگي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي ڦيٿو جام هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، اسان ڏڦيڙ ۽ فساد برداشت نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ٻيهر 9 مئي واري سانحي کي ورجائڻ چاهين ٿا، هڙتال جي ڪال سبب انهن جا پنهنجا ڪارڪن به پريشانين کي منهن ڏيندا، پاڪستان تحريڪ انصاف هاڻي پي ٽي آءِ پي ۾ تبديل ٿي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي سڀ پروٽوڪول ڏنا، سهيل آفريدي کي جتي وڃڻو هو اتي وٺي ويو. هن چيو ته کيس باغ جناح ۾ ريلي ڪرڻ جي اجازت ملي هئي، ۽ سندس ريلي سبب ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي. ناصر شاهه اهو به چيو ته جيڪي نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا اهي رڳو شوشا ڇڏي رهيا آهن، سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ ورهائي نه سگهبو.