اسلام آباد(عاصمه شيرازي) معاشي ترقي جي معاملي تي حڪومت شديد دٻاءَ هيٺ آهي۔حڪومت جي پنهنجي رپورٽ ئي حقيقي صورتحال ظاهر ڪري ڇڏي آهي۔ حڪومت تسليم ڪيو آهي ته معاشي معاملن ۾ صورتحال سٺي ناهي، جنهن کان پوءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ اهم ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ۽ هاڻي هڪ واضح روڊ ميپ تيار ڪيو پيو وڃي۔حڪومت جي اقتصادي پاليسي بابت پڻ خبرون آهن. حڪومت هڪ پينل ٺاهيو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کان پوءِ پاڪستان ڪيئن اڳتي وڌي. پينل جي سفارش آهي ته برآمد کي وڌايو وڃي، ۽ اقتصادي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته جيئن معيشت مضبوط ٿئي.پينل جي سفارش آهي ته موجوده معاشي حالتن ۾، پاڪستان جي 25 ڪروڙ آبادي لاءِ پائيدار ترقي جا رستا تلاش ڪيا وڃن. حڪومت ۽ نائب وزيراعظم جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطح جي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي ته موجوده آءِ ايم ايف فنڊ کانپوءِ معيشت جي روڊ ميپ تيار ڪيو وڃي.حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي گڏجي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، ۽ اپوزيشن پارٽيز کي به شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن بهتر نتيجا نڪرن.