سهيل آفريدي جي ڪراچي دوري ۾ 9 مئي جهڙا واقعا ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر ۽ سڌ ۽ ٽرانسپورٽ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪي پي ڪي  جي وڏي وزير جي دل سان ميزباني ڪئي. پر پي ٽي آءِ جي وڏي وزير کي هن انداز ۾ استقبال ڪرڻ جو مطلب اهو نه آهي ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ مستقبل ۾ ڪنهن اتحاد جو امڪان آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ تي ٻڌل آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سياست پرامن، جمهوري ۽ آئيني آهي،  پر ان جي باوجود جيئن ڪي پي جو وڏو وزير اسان جي صوبي جو مهمان ھو ، انهي ڪري اخلاقي فرض تحت انهن کي سهولتون ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي. هن چيو ته بدقسمتي سان هن شرافت ۽ خلوص جو ناجائز فائدو ورتو ويو ۽ انتظاميه جي هدايتن جي برخلاف مخصوص جڳهون ۽ رستا اختيار ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ بي بنياد الزام لڳايا ويا.هن وڌيڪ چيو ته  وزيراعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي ۽ ترقياتي رٿائن سان لاڳاپيل ڪيترن اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا اين اي ڊي يونيورسٽي جي گرلز هاسٽل جي ٻي منزل جي تعمير لاءِ 190 ملين رپين جي اي ڊي پي اسڪيم منظور ڪئي، جڏهن ته ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ سکر ۾ سينٽ سيور چرچ ۽ حيدرآباد ۾ سينٽ ٿامس ڪيٿڊرل چرچ جي بحالي لاءِ 109 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.هن چيو ته سنڌ آرڪائيوز کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ لاءِ ناياب تاريخي محفوظات کي ڊجيٽل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته پرووينشل انٽيليجنس فيوژن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر جي قيام لاءِ 1.24 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سجاول ۽ شڪارپور لاءِ پڻ مختلف ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي شوگر سيڪٽر کي 2026 تائين مڪمل ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي رٿابندي تي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کان پوءِ صحت، زراعت، صنعت، آبپاشي ۽ ثقافت جي وزراءَ تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پنهنجي سفارشون پيش ڪندي.هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ ڪلائيميٽ فنڊ ۽ سنڌ ڪلائيمٽ چينج بورڊ جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا شوڪت خانم ميموريئل ٽرسٽ کي انفراسٽرڪچر سيس ۾ هڪ سال لاءِ ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني. ان کان سواءِ ايم سڪس حيدرآباد کان سکر موٽر وي لاءِ 1.13 ارب رپيا صوبي جي بجيٽ مان الڳ منظور ڪيا ويا، ريسڪيو 1122 جي توسيع جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس جي ملازمن جي هيلٿ انشورنس جي تجديد جي منظوري پڻ ڏني وئي.هن  چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي سنڌ جي دوري ۽ سندس سنڌ آمد بابت جيئن ئي اطلاع مليو، سنڌ حڪومت ساڻس رابطو ڪيو ۽ مڪمل سيڪيورٽي ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ان کان اڳ هڪ ٿريٽ الرٽ مليو ٿيو هو، پر ان کي عوامي سطح تي ظاهر نه ڪيو ويو ته جيئن ڪو ان صورتحال جو فائدو نه وٺي،  ڪي پي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي هن امڪاني خطري کان آگاهه ڪيو ويو هو.هن ٻڌايو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پنهنجي آمد کان اڳ پنهنجو پروگرام مهيا ڪيو هو ۽ سنڌ حڪومت واضح طور چيو هو ته جيڪڏهن بلٽ پروف گاڏي، اضافي پوليس سيڪيورٽي يا ڪنهن ٻي انتظام جي ضرورت پوي ته حڪومت سنڌ اهو فراهم ڪندي.هن چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير بلٽ پروف گاڏي وٺڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته سيڪيورٽي وٺڻ تي رضا مندي ظاهر ڪئي جيڪو سندس حق هئي، ۽ کيس مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي جي وزير ناصر حسين شاهه پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻن سان رابطو ڪيو ته جيئن سموري پروگرام بهتر انداز ۾ ترتيب ڏئي سگهجي. کين ڀليڪار چيو ويو ۽ اهو به واضح ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهي جلسو ڪرڻ چاهين ته جاءِ ٻڌائين، حڪومت سنڌ جاءِ ۽ سهولتون فراهم ڪندي، پر اهو خيال رکيو وڃي ته رستا بان ڪنھن سبب جي بند نه ٿين، عوام کي تڪليف نه ٿئي ۽ ڪو اهڙو عمل نه ٿئي جيڪو سيڪيورٽي خدشا وڌي وڃن.هن چيو ته سنڌ جي هڪ وزير، سينيئر اڳواڻ ۽ ڪراچي ڊويزن جو صدر سيد غني پاڻ آجيان لاءِ ايئرپورٽ ويو، جتي مهمانن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ڏني وئي، هي استقبال خلوص دل سان ڪيو ويو، نه ڪنهن ميڊيا پوائنٽ اسڪورنگ يا ڏيکاءَ لاءِ، پر سنڌ جي روايتي ميزباني جو حصو هو.هن  چيو ته پهرين ڏينهن ڳالهه ٻولهه ۾ ڪي پي جي وڏي وزير کي چيو ويو هو ته ڪجهه حساس علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اتي سيڪيورٽي خدشا موجود آهن، پر ان جي باوجود شام جي وقت اهي ضلعي ڏکڻ ۾ نظر آيو، کيس روڪيو ويو، پر ڪي پي جي وڏي وزير هدايت تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به وي آءِ پي موومينٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي پابندي ضروري آهي، خاص طور تي جڏهن ٿريٽ الرٽ موجود هجي، ۽ بنا ڪنھن پلان جي رستن کي تبديل ڪرڻ سان خطرا وڌي وڃن ٿا.ھن ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ڪي پي جي وڏي وزير جو حيدرآباد وڃڻ جو پروگرام سامهون آيو، جتي پڻ ساڳيا سيڪيورٽي ۽ انتظام ڪيا ويا جيڪي طئي ٿيل رستن مطابق هئا. واپسي تي جنهن پل جي چونڊ ڪئي وئي اھا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت وفاقي حڪومت جي پل آهي ۽ ملڪ جي اهم شاهراهن مان هڪ آهي، جتي ڪراچي پورٽ جي هيوي ٽريفڪ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واريون گاڏيون معمول مطابق گذرن ٿيون. هن چيو ته ڏينهن جي وقت ۾ اتي ٽريفڪ جام ھجڻ معمل جي ڳالهه آهي،هن چيو ته حيدرآباد پهچڻ شرط ئي سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ الزام لڳڻ شروع ٿي ويا، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته مڪمل عزت، سهولت ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. شرجيل انعام ميمڻ انھن الزامن ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي  ڪي پي جي وڏي وزير کي ٽريفڪ ۾ ڦاسايو کي رد ڪندي سوال اُٿاريو ته جيڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ٽريفڪ ۾ رڪجي ته ان مان حڪومت سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو رويو پڻ پي ٽي آءِ جهڙو هجي ها ته نه استقبال ٿئي ھا ۽ نه سهولتون ملن ھا.جلسي جي اجازت جي معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سنڌ ڪڏهن به جلسو روڪڻ جي ڳالهه نه ڪئي جناح گرائونڊ ۽ مزار قائد جي چوڌاري علائقو هڪ ٽرسٽ جي انتظام هيٺ آهي جيڪو وفاق جي ماتحت آھي، انهي ڪري تحريري اجازت ۾ ڪجهه وقت لڳندو آھيهن  چيو ته پي ٽي آءِ پاران پوليس تي پٿر اڇلايا ويا، صحافين خاص طور تي عورت صحافين تي تشدد ڪيو ويو ۽ نو مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ حڪومت صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪيو ۽ ڪو به ڪيس داخل نھ ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي ذهن ۾ ڪا بدنيتي هجي ها ته گرفتاريون پڻ ٿي سگهن پيون ۽ سخت ڪارروائي به ممڪن هئي، پر صبر اختيار ڪيو ويو. هن چيو ته سڀ ويڊيوز موجود آهن ۽ صحافي پاڻ ان جا عيني شاهد آهن، سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿيو، پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ پنهنجي روئي ۾ تبديلي لاءِ تيار نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.