اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي نااهلي کان پوءِ خالي ٿيل سيٽ تي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ڪيو آهي. ذريعن موجب، محمود خان اچڪزئي گڏيل اپوزيشن مان واحد اميدوار هوندو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مخالف ڌر جي اڳواڻ طور سندس مقرري جي پڪ ڏياري آهي. ان کان اڳ، پي ٽي آءِ جي هڪ وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ محمود خان اچڪزئي جي باضابطه نامزدگي جمع ڪرائي. ملاقات ۾ بئريسٽر گوهر علي، اسد قيصر، عامر ڊوگر، اقبال آفريدي ۽ پارلياماني معاملن جو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري شرڪت ڪئي.ايران ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن ۽ زائرين کي وطن واپس آڻڻ جو عمل جاري آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اپوزيشن ليڊر خميس تائين مقرر ڪيو ويندو ۽ اسپيڪر جڏهن به چاهي نوٽيفڪيشن جاري ڪري سگهي ٿو.