قومي اسيمبلي ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جي تعمير شروع نه ٿيڻ خلاف احتجاج

اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي نبيل گبول چيو آهي ته ايندڙ مهيني هن حڪومت کي ٻه سال مڪمل ٿي ويندا،اسان ڪراچي واسي هڪ وڏي عذاب ۾ گذري رهيا آهيون،ڪي اليڪٽرڪ هڪ اهڙي تنظيم يا آرگنائزيشن آهي،اسان کي پاڻ خبر ناهي ته اها ڇا آهي؟اها سفيد هاٿي بڻيل آهي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ ظلم ڪري ڪربلا بڻائي  ڇڏيو آهي،منهنجي تڪ لياري ۾ 18_18 ڪلاڪ بجلي ناهي هوندي،هن چيو ته اسان هتي ايوان ۾ ويٺا آهيون، ڪا حيا هئڻ گهرجي هڪ به وزير هن اسيمبلي ۾ موجود ناهي،مسلم ليگ ن جو ڪو به ميمبر هتي نظر نه ايندو ،ماڻهو مرن يا جيئن انهن کي ڪا به پرواهه ناهي،ڪراچي ۾ بجلي ناهي گئس ناهي،اسان ڪهڙي منهن سان هن اسيمبلي ۾ ويٺا آهيون،هن چيو ته منهنجي تڪ جا ماڻهو مون ڏانهن ڏسي رهيا آهن،اڄوڪي ڏينهن تي مان ڪي اليڪٽرڪ خلاف ٽوڪن بائيڪاٽ ڪندس،شازيا مري چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي، منهنجي تڪ سانگهڙ ۾ 20-20 ڪلاڪن جي بجلي جي لوڊشيڊنگ هلي رهي آهي،هن چيو ته مان راجا پرويزاشرف سان گڏ ويٺل هئس ته هن چيو ته لوڊشيڊنگ ته منهنجي تڪ ۾ به ٿي رهي آهي،پنجاب ۾ به لوڊشيڊنگ هلندڙ آهي،سياري ۾ هرهنڌ تي لوڊشيڊنگ هلي رهي آهي،اڃا ته گرميون نه آيون آهن،هن چيو ته سانگهڙ ۾ حيسڪو جو هڪ ايس ڊي او وائسراءِ وانگر ورتاءُ ڪري چوي ٿو ته بل ادا ٿيل ناهن ان ڪري سموري علائقي جي بجلي ڪٽي آهي،مان حيسڪو کان سوال ڪريان ٿي ته جيڪي بل ادا ڪن ٿا انهن جي بجلي ڪٽڻ ڪهڙي قانون تحت آهي؟ هن چيو ته اهو غيرانساني رويو آهي جيڪو رڪجڻ گهرجي، سڌارن جي نالي تي ماڻهن سان ايتري وڏي زيادتي ٿي رهي آهي،اسان ڪنهن کان سوال ڪريون جواب ڏيڻ لاءِ ذميوار به هن ايوان ۾ موجود ناهن،هن چيو ته هتي ڪي پي جي وڏي وزير جي سنڌ دوري جو ذڪر ٿيو،سنڌ حڪومت پاران سندس آجيان ۽ کيس پروٽوڪول ڏيڻ جي به ساراهه ٿيڻ گهرجي ها،سنڌ جي هڪ وزير سندس استقبال ڪيو،کيس صوفين جي سنڌ ڌرتي جي روايت موجب سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارائي وئي،کيس سيڪيورٽي ڏني وئي،ن ليگ جي اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر درشن چيو ته منهنجو تعلق ميرپورماٿيلو ضلعو گهوٽڪي سان آهي،سنڌ ۾ ايتري بدامني آهي جو مان توهان کي ڇا توهان ٻڌايان؟اتي ڏينهن ڏٺي جو به ماڻهو نه روزگار ڪري سگهن ٿا نه ڪاروبار ڪري سگهن ٿا،تازو اسان جي برادري جي واپارين ڪالي داس ۽ ٻين جي دڪانن مان ڦرلٽ ڪئي وئي،هن چيو ته ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي،ڏهرڪي مان ٻه ننڍي عمر جي نينگرين بنٽي ۽ ببلي کي اغوا ڪيو ويو آهي،انهن جا والدين ڪڏهن پريس ڪلب ڪڏهن ايس ايس پي آفيس احتجاج لاءِ پيا وڃن،ڪڏهن ڪنهن وڏيري وٽ وڃن ٿا پر ڪا به سنوائي نه پئي ٿئي،هن چيو ته جروار جي علائقي مان بجلي جون يارهن هزار وولٽ واريون تارون به چوري ٿي رهيون آهن،ڪير به ڏسڻ وارو ناهي،8-8 ڏينهن بجلي بند ٿي رهي ٿي،هن چيو ته تلهار ۾ غريب شخص ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪيو ويو جنهن تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي،ان جي به ڪا سنوائي نه ٿي،دادو ۾ زميندار نادر جمالي کي ڪنهن جي چرچ تي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي،هن چيو ته آءِ جي سنڌ،وڏي وزير سان ڳالهايو،اسان جي سنڌ جا ماڻهو نه دڪانن نه گهرن تي محفوظ آهن،بدامني تي سوشل ميڊيا ڀري پئي آهي،سيد طارق حسين چيو ته تيل ۽ گئس جي لحاظ کان مان پنهنجي تڪ حيدرآباد جي ڳالهه ڪريان ته روزانو 12 ڪروڙن جي پيداوار ٿي رهي آهي،اتان جي علائقي جي حالت اها آهي ته مقامي رهواسي ٻن وقتن جي عزت سان ماني به نٿا کائي سگهن،اوجي ڊي سي ايل ايترا پئسا ڪمائي به نه اتي نوڪريون ڏئي ٿي نه ئي سهولتون ڏئي ٿي،12 سالن ۾ اوجي سي ڊي ايل ۽ ٻين ڪمپنين ڪا نوڪري به مقامي ماڻهن کي ناهي ڏني،هن چيو ته ڀلي اسان کي ايم ڊي يا ڊائريڪٽر نه لڳايو،گهٽ ۾ گهٽ نائب قاصد،پٽيوالويا ٻيون فني نوڪريون ته ڏيو،سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به تيل گئس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏين،اها به شرم جي ڳالهه آهي ته جنهن علائقي مان گئس نڪري رهي آهي اتي گئس جي سهوليت ميسر ناهي،اسپيڪر صاحب اهو معاملو پيٽروليم ڪميٽي کي ريفر ڪريو،ڪجهه هفتن ۾ ايس پي آءِ جا انگ اکر وڌيا آهن يعني غريب لاءِ مهانگائي وڌي آهي،اسان رڳو شماريات کاتي جي انگن اکرن تي ڳالهايون ته اهي چوندا ته سڀ ٺيڪ آهي،هن چيو ته ٻاهر جيڪا عوام آهي اها اڄ به پريشان آهي،هن پارليامينٽ جو فرض بڻجي ٿو ته اسان انهن غريبن کي تحفظ ڏيون،هتي وزير به ڪو موجود ناهي خبر ناهي اسان جي انهن ڳالهين جو ڪير جواب ڏيندو؟پ پ جي آغا رفيع الله چيو ته اسان جو هن حڪومت سان اعتماد جو اهو عالم آهي جو هڪ صدارتي آرڊيننس صدر جي صحيح کان بغير جاري ڪن ٿا ٻئي ڏينهن اسان هتي ڳالهايون ٿا ته چون ٿا ته غلطي ٿي وئي آهي،هن چيو ته اسان کي انهن جي نيت جي به خبر آهي ۽ طريقه واردات جي به خبر آهي،هن ئي ايوان ۾ مون پي ايس ڊي پي بڻائڻ جي طريقيڪار جو بل به آندو هو،وزير هن ايوان کي عزت بخشي نٿا اچن،مملڪتي وزير کي جيڪي بابو لکي ڏين ٿا اهو پڙهي هتي ٻڌائي ٿو،هن چيو ته نالائق ٽيم کان ڪم نٿو ٿي سگهي،سکر حيدرآباد موٽروي لاءِ هڪ سر به ناهي لڳي،مملڪتي وزير جواب ۾ چيو ته آغا رفيع الله سکر حيدرآباد موٽروي لاءِ دلچسپي رکي ٿو، وزيراعظم جي ويزن تحت ان موٽروي تي ڪم ٿيندو،ن ليگ ئي ملڪ ۾ موٽروي بڻائيندي آهي،هن چيو ته ڪراچي حيدرآباد سکر موٽروي ضرور بڻجندي،اسپيڪر اياز صادق چيو ته احسن اقبال ۽ عليم خان سان گڏجاڻي ڪري سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي،پ پ جي نويد قمر چيو ته موٽروي جو معاملومواصلات واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اٿارڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.