اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت الزام هڻندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڦرون ٿي رهيون آهن، ۽ اهي ڦر ڪو ٻيو نٿا ڪن، پر پوليس وارا پاڻ ڦر ڪري رهيا آهن۔قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي شير افضل مروت چيو ته پنج اهڙا هنڌ هئا، جتي اين سي سي آءِ اي (NCCIA) انٽيليجنس ايجنسي جو نالو استعمال ڪري ڇاپا هنيا، ۽ اتان ليپ ٽاپ سميت سڀ شيون کڻي ويا،شير افضل مروت جو چوڻ هو ته اڄ کان لڳ ڀڳ پندرهن ڏينهن اڳ آءِ-نائين سيڪٽر ۾ اين سي سي آءِ اي ڇاپو هنيو هو۔ مان پاڻ اتي ويس، ۽ ان آفيس تي لکيل هو ته هي اين سي سي آءِ اي طرفان سيل ڪئي وئي آهي۔هن چيو ته ان آفيس ۾ موجود ساريون شيون ۽ فرنيچر اين سي سي آءِ اي چوري ڪري کڻي وئي آهي۔ان معاملي گهرو معاملن جي مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته شير افضل مروت جن جن ڪيسن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن کي ڏسي جاچ ڪري، پاڻ ئي کين تفصيل سان آگاهه ڪندس۔