لنڊن(ع آ نيوز) عالمي جرنل "دي نيشنل انٽرسٽ” ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون موجب، پاڪستان وٽ کربين ڊالرن جا غير استعمال ٿيل معدني وسيلا آهن، جيڪي ملڪ جي اسٽريٽجڪ اقتصادي ترقي لاءِ بنيادي آهن. مضمون پاڪستان جي معدني شعبي ۾ ڪيل سڌارن، جديد مائننگ پاليسي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي تفصيلي روشني وجهي ٿو. رپورٽ موجب، پاڪستان پنهنجي مائننگ پاليسي کي عالمي معيارن مطابق هم آهنگ ڪري رهيو آهي ۽ اهم معدنيات لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ مرڪز طور اڀري رهيو آهي.دي نيشنل انٽرسٽ موجب، ريڪو ڊيڪ منصوبو ان ۾ خاص طور تي نمايان آهي، جنهن ۾ 5.9 بلين ٽن معدني ذخيرا آهن ۽ اربين ڊالر جي آمدني سان گڏ هزارين نوڪرين جا موقعا پيدا ڪندو.رپورٽ موجب، پاڪستاني قيمتي پٿرن جي قيمت لڳ ڀڳ 450 بلين ڊالر آهي، جڏهن ته، موجوده سالياني برآمدات صرف 5.8 ملين ڊالر آهن.ملڪ پنهنجي پهرين قومي قيمتي پٿر پاليسي متعارف ڪرائي آهي ۽ 5 سالن اندر قيمتي پٿر جي برآمدات کي 1 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ليٿيم، ڪوبالٽ ۽ ناياب زميني عنصرن ۾ عالمي سپلائي چين جو حصو بڻجڻ جي صلاحيت آهي.معدني سڌارا ٽيڪنالاجي جي منتقلي، صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندا.ماهرن جي مطابق، ايندڙ 10 سالن ۾ معدنيات ۽ قيمتي پٿر جي شعبي جي ترقي GDP ۾ هر سال 5 کان 7 ارب ڊالر تائين اضافو ڪري سگهي ٿي.