آمريڪا ڀلي فوجي آپشن آزمائي،ٽرمپ ۽ نيتن ياهو قاتل آهن:ايران

تهران/نيو يارڪ (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چوي ٿو ته جيڪڏهن آمريڪا اڳ جيان ٻيهر فوجي آپشن آزمائي ٿو ته اسان تيار آهيون. عرب ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾، ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هو ڌمڪين ۽ ڊڪٽيشن کان سواءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان کي نه ٿو لڳي ته واشنگٽن سنجيده ۽ منصفاڻين ڳالهين لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف،  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران تي حملي جي ڌمڪين کان پوءِ، قطر ۾ العديد ايئر بيس تي آمريڪي جنگي جهازن جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب، آچر جي رات قطر ۾ العديد ايئر بيس تان ڪيترائي آمريڪي جنگي جهاز اڏامي ويا. آمريڪا پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايران ۾ آمريڪي ورچوئل سفارتخاني پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاج تيز ٿي رهيا آهن ۽ پرتشدد ٿي سگهن ٿا. سفارتخاني آمريڪي شهرين کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته ايران مان زميني رستي، آرمينيا يا ترڪي ذريعي نڪري وڃن. ٻئي پاسي ايران ۾ احتجاجي مظاهرن کانپوءِ حالتون معمول تي اچڻ لڳيون آهن. شهرين پاران موبائيل فون جي استعمال جون پڻ رپورٽون سامهون آيون آهن. ٻئي پاسي پينٽاگون صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران خلاف ممڪن آمريڪي ڪارروائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. هوائي طاقت ۽ ڊگهي فاصلي وارا ميزائل ايران خلاف ڪنهن به ممڪن فوجي جواب ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن وقت ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.  يورپي پارليامينٽ طرفان ايراني سفارتڪارنجي عمارت ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي واري عمل کانپوءِ ايراني پرڏيهي وزير جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني. هن سوشل ميڊيا تي لکيو ته ايران يورپي يونين سان دشمني نٿو چاهي پر اسان ڪنهن به پابندي خلاف جوابي ڪارروائي ڪنداسين. گذريل ڏينهن يورپي پارليامينٽ ايران جي سفارتڪارن ۽ ٻين نمائندن جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي هئي. هوڏانهن يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان چيو آهي ته يورپي يونين ايران ۾حڪومت مخلف مظاهرن کي دٻائڻ جي ذميوار عملدارن تي وڌيڪ پابنديون تجويز ڪندي. هوڏانهن برطانوي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته ايران ۾ مظاهرن دوران ڪريڪ ڊائون سبب هزارين ماڻهن جي مارجڻ جو خدشو آهي. ايراني سڪيورٽي عملدار چيو ته مارجي ويلن جو انگ 2 هزار ٿي سگهي ٿو.

ايران ۾ نارين تي پابندين بابت ملاله يوسفزئي جي ٽوئيٽ،گهٽ ڄاڻ يا عالمي پروپيگنڊا جو حصو؟

اسلام آباد(عاصمه شيرازي) ملاله يوسفزئي، جيڪو پاڪستان جو فخر ۽ هڪ وڏو نالو آهي، ڪالهه هڪ ٽويٽ ڪيو. ايران ۾ ڪالهه مظاهرن ۾، جتي لکين ماڻهو گهرايا، انهن جي خارجي  مداخلت کي رد ڪيو ۽ ايران جي حڪومت جي حمايت ۾ نعرا بلند ڪيا. پر گڏوگڏ، انقلاب اسڪوائر ۽ آزادي اسڪوائر ۾ موجود ماڻهن جي تعداد اها ظاهر ڪري رهي هئي ته جيڪڏهن ايران تي ڪنهن به قسم جي رجيم چينج يا مداخلت جي ڪوشش ٿئي ها، ته نتيجو خطرناڪ ۽ ناقابل قبول هجي ها.ملاله جو ڪالهه ٽوئيٽ ڏسي صدمو پهتو، ڇاڪاڻ ته اها وڏي پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ڇوڪري آهي، نوبل انعام يافته، پاڪستان لاءِ فخر آهي. پر ان ٽوئيٽ ۾، ايران جي صورتحال بابت جيڪا ڳالهه ڪئي وئي، اها يا ته ڄاڻ جي کوٽ آهي يا عالمي پروپيگنڊا جو حصو بڻجي وئي آهي،ايران ۾عورتون آزاد خيال ۽ پاڻمرادو سرگرم آهن. جديد لباس ۾، پاڻمرادو فيصلا ڪندي، تعليم ۽ ڪاروبار ۾ سرگرم آهن. پر ملاله پاران ٽوئيٽ ۾ اهو چوڻ ته ايران ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي خودمختياري تي پابنديون قائم آهن ۽ اهو عالمي سطح تي اهم مسئلو آهي، مڪمل طور تي غلط آهي.

ايراني احتجاج جاري رکن، جلد مدد پهچي رهي آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران ۾ جاري احتجاجن جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو آهي ته ايران جي محب وطنن کي احتجاج جاري رکڻ گهرجي، مدد اچي رهي آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پيغام ۾، ٽرمپ چيو ته ايران جي محب وطنن کي احتجاج جاري رکڻ گهرجي، انهن جي ادارن تي قبضو ڪرڻ گهرجي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته قاتلن ۽ ظالمن جا نالا ياد رکو، انهن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پنهنجي بيان ۾، ٽرمپ چيو ته هن ايراني عملدارن سان پنهنجون سڀئي ملاقاتون رد ڪري ڇڏيون آهن جيستائين احتجاج ڪندڙن جو قتل عام بند نه ڪيو وڃي.

ايران تي امڪاني آمريڪي حملي جا اثر پاڪستان ۾ به محسوس ٿيندا

دبئي(ڪامران خان)ايران ۾ موجوده صورتحال ۾ مڪمل ممڪن آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي يا اسرائيل اڪيلي سر ايران تي فوجي حملو ڪري. اهڙي صورتحال ۾ اسان پاڪستانين جو سڀ کان  وڏو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته پاڪستان جو ردعمل ڇا هجڻ گهرجي ۽ انهيءَ ردعمل لاءِ اسان ڪهڙي تياري ڪري رهيا آهيون.پاڪستان لاءِ آپشنز هي آهن ته غيرجانبدار رهي،اسٽرٽيجيڪ بيليسنگ – پاور پليئرز سان تعلق برقرار رکندي، پنهنجو فائدو وڌائي،ٽيون سي پيڪ کي وڌائي،نيٽرل رهڻ ڪافي آهي، ڇو ته پاڪستان جي پنهنجي دفاعي صلاحيت اهڙي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به طرف کان چيلنج ڪيو ويو، ته ان کي روڪي سگهجي ٿو. ايران جنگ جي صورت ۾ پنهنجي مددگار روس ۽ چين کان مدد حاصل ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري پاڪستان کي جنگ ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ٻئي پاسي ايران لاءِ ممڪن منظرناما هي آهن ته ڳالهين ذريعي معاملا طئي ڪري، ڪو وڏو رجيم چينج نه پر اهڙي تبديلي جيڪا دنيا ۽ مغرب کي مطمئن ڪري،اسرائيل جو مقصد ايران کي ٽڪرين ۾ ورهائڻ آهي ته جيئن ڪو متحد اسلامي سياسي ملڪ نه رهي. اسرائيل چاهي ٿو ته ايران اندروني طور ٽڪراءَ ۽ گروپن ۾ ورهايل هجي.اسرائيل ۽ آمريڪا جو مقصد آهي اسلامي ڪردار کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ، پر اهو آسان ناهي.ايران تي حملو وڏي زلزلي جهڙو اثر پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڪستان سميت سڄي علائقي ۾ محسوس ٿيندو.ايران جي نيوڪليئر صلاحيت ۽ سپريم ليڊر جي حڪومت کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو.آمريڪا ۽ اسرائيل جي شايد وڏي پيماني تي مشيني، اقتصادي ۽ سائبر حملن جو امڪان آهي،پاڪستان کي پنهنجو سرحدي انتظام، سيڪيورٽي ۽ ڊپلوميسي مضبوط ڪرڻي پوندي، خاص طور بلوچستان ۽ 900 ڪلوميٽر ڊگهي ايران-پاڪستان سرحد تي پناهگيرن جي اچڻ جو خطرو پڻ موجود آهي.ايران پنهنجي فوجي صلاحيت سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کي منهن ڏئي سگهي ٿو.گذريل جنگ ۾ ايران جو نقصان اسرائيل کان گهٽ رهيو.ايران جي نيٽ ورڪ، پروڪسيز ۽ فوجي ڊسٽريڪٽس مضبوط آهن ۽ اندروني طور پاڻ کي سنڀالي سگهن ٿا.آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪنهن به حملي جو جواب ايران سيڪيورٽي، فوجي ۽ سائبر ذريعي ڏئي سگهي ٿو.

آمريڪا-ايران فوجي تڪرار جا خطي لاءِ سنگين نتيجا هوندا: قطر

دوحا (م ڊ) قطر خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪنهن به فوجي تڪرار جا خطي لاءِ سنگين ۽ تباهي جوڳا نتيجا  نڪرندا. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري دوحا ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اهي ڄاڻن ٿا ته ڪنهن به قسم جي تڪرار يا فوجي ڪارروائي جا نتيجا خطي ۽ ان کان ٻاهر لاءِ انتهائي تباهي ڪندڙ هوندا. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته تنهن ڪري، اهي هر قيمت تي اهڙي صورتحال کان بچڻ چاهين ٿا.

آمريڪا جو ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايران سان واپاري لاڳاپا رکندڙ ملڪن مان ايندڙ شين تي 25 سيڪڙو  ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي. اهو قدم تهران تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪيو ويو آهي جتي حڪومت مخالف مظاهرا ٿيا. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي چيو ته ٽيرف فوري لاڳو ٿي ويو. ايران جي سڀ کان وڏن واپاري ڀائيوارن ۾ چين، عراق، گڏيل عرب امارات، ترڪي ۽ ڀارت شامل آهن. ٽيرف کان اڳ ٽرمپ ايران ۾ ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي.  ٻئي پاسي چين چيو آهي ته هو پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ سڀ ضروري اپاءَ وٺندو. واشنگٽن ۾ چيني سفارتخاني جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ٽيرف جو انڌاڌند لاڳو ٿيڻ خلاف چين جو موقف واضح ۽ مستقل رهيو آهي. ٽيرف جنگيون ۽ واپاري جنگيون ڪنهن لاءِ به فائديمند ناهن.

ايران اسٽار لنڪ جا سگنل بند ڪري عالمي ڌيان حاصل ڪري ورتو،روس يا چين جي مدد؟

نيويارڪ(شهباز گل)ايران ۾ مظاهرن جي شدت وڌي رهي آهي، پر حڪومت جي حمايت ۾ به وڏي تعداد ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. ايران  سٽار لنڪ سگنلز بند ڪري عالمي توجه حاصل ڪئي آهي،روس ائين نٿو ڪري سگهي،چين وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي پر اسٽار لنڪ جا سگنل چين پاران جام ڪرڻ جي تصديق نه ٿي سگهي آهي،ايران دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه مظاهرين دراصل غير ملڪي ايجنٽ آهن، جيڪي ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن.نوبل امن انعام 2025 وينزويلا جي اپوزيشن ليڊر ماريا مچاڊو کي ڏنو ويو، جڏهن ته صدر ٽرمپ ان بابت مختلف رايا ظاهر ڪيا.آمريڪا ۾ غير قانوني رهائش رکندڙن خلاف ڪافي سخت قدم کنيا پيا وڃن، ۽ ان سان گڏ عوام ۾ احتجاج ۽ ڪاوڙ وڌي رهي آهي.ايران ۽ پاڪستان جي سياست، آئيني مسئلا، ۽ عوامي احتجاج جاري آهن، جڏهن ته عالمي سطح تي پڻ اهم صورتحال پيدا ٿي رهي آهي.

حزب الله جو ايراني حڪومت ۽ عوام جي مڪمل حمايت جو اعلان

بيروت (م ڊ) لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله ايراني حڪومت جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي حق ۾ مظاهرا ايراني عوام جي صحيح  عڪاسي ڪن ٿا. حزب الله خبردار ڪيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل انتشار پکيڙڻ لاءِ ايران مخالف مظاهرين کي استعمال ڪري رهيا آهن. تنظيم چيو ته اهو ايراني قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي ۾ بيٺو آهي ۽ ايران هميشه مضبوط ۽ آزاد رهندو. حزب الله جي مطابق، عالمي دٻاءُ ۽ ٻاهرين مداخلت جي باوجود ايران جي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.

ايران تي حملو ڪرڻ آسان ناهي:محمد حسين باقري

تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني تجزئي نگار محمد حسين باقري چيو آهي ته گذريل ڪجهه عرصي دوران ايران ۾ ڊالر جي قيمت  وڌي وئي، جنهن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو۔ ان رجحان کي روڪڻ لاءِ ايراني واپاري برادري احتجاج شروع ڪيو، جنهن ۾ پوءِ عام ايراني عوام به شامل ٿي ويو۔ ان حوالي سان ڳالهيون به ٿيون، پر ان دوران ايران جي اڳوڻي شاهه جي پٽ رضا پهلوي خميس ۽ جمعي جي رات احتجاج جي ڪال ڏني۔رضا پهلوي جي ڪال کان پوءِ جتي سندس حامي روڊن تي نڪتا، اتي عام ماڻهو به مهانگائي خلاف ٻاهر نڪري آيا۔ احتجاج دوران ڪجهه ماڻهن وٽ هٿيار هئا ۽ انهن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن کان پوءِ رات يارهين وڳي کان هڪ وڳي تائين تهران ۾ بئنڪن کي لٽيو ويو ۽ باهيون لڳايون ويون۔ان دوران 250 ايمبولينسون ۽ 60 فائر بريگيڊ جون گاڏيون ساڙيون ويون، جڏهن ته 50 مسجدن کي به نشانو بڻايو ويو،هن چيو ته  حقيقت ۾ ايران جي احتجاجن ۾ دهشتگرد عنصر شامل هئا، جن کي لاشن جي ضرورت هئي ته جيئن آمريڪي حملي لاءِ جواز پيدا ڪيو وڃي۔ڪيترائي جاسوس گرفتار ڪيا ويا آهن،هن چيو ته  ايران ۾ ان کان اڳ به وڏا احتجاج ٿي چڪا آهن، پر اهڙي صورتحال ڪڏهن به پيدا نه ٿي هئي، هتي پوليس کي واضح حڪم هئا ته فائرنگ نه ڪئي وڃي۔ جيڪي پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، انهن وٽ بندوقون موجود هيون، پر انهن پاڻ فائر نه ڪيو،هن چيو ته دهشتگرد عنصرن جي ڪوشش آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ايران تي حملو ڪن۔ هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪري ٿو، ته ڇا ان سان حڪومت تبديل ٿي ويندي؟هن چيو ته آمريڪا اڳ به ايران تي حملو ڪري ڏسي چڪو آهي، ۽ ان کي ناڪامي ملي هئي۔ ايران تي حملو ڪرڻ ايترو سولو ڪم ناهي۔

پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار عاصمه شيرازي چيو آهي ته پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ صورتحال انتهائي  ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي۔ حڪومت مخالف کليل احتجاج ته نظر نٿا اچن، پر آمريڪا ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو۔ نيويارڪ ٽائيمز ايران خلاف آمريڪا طرفان ميزائل ۽ سائبر حملن بابت خبر بريڪ ڪئي آهي۔صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني عوام احتجاج جاري رکن، سندن لاءِ مدد رستي ۾ آهي۔سوال اهو به آهي ته ڇا آمريڪا سان گڏ اسرائيل به ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو؟ آمريڪا سان گڏ اسرائيل هاءِ الرٽ تي آهي۔ ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مٿس حملو ٿيو ته علائقي ۾ جتي جتي آمريڪي فوجون موجود آهن، اتي اتي جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي۔پاڪستان هن سڄي صورتحال کي انتهائي ويجهي نموني سان ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان طرفان مسئلن جي حل لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڪوششن جا به اطلاع سامهون اچي رهيا آهن۔

ايران تي حملي جون آمريڪي ڌمڪيون ناقابل قبول آهن: روس

ماسڪو(م ڊ) روس ايران تي حملي جي آمريڪي ڌمڪين جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو. روسي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران تي حملي جون آمريڪي ڌمڪيون  بلڪل ناقابل قبول آهن، آمريڪا کي ايران ۾ عدم تحفظ کي ٻيهر حملي لاءِ بهانو نه بڻائڻ گهرجي. روسي پرڏيهي وزارت چيو ته اهڙي قدم سان وچ اوڀر ۾ تباهي وارا نتيجا نڪرندا ۽ عالمي سلامتي لاءِ به خطرو پيدا ٿيندو.روسي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو واپاري ٽيرف وڌائي ايران جي پرڏيهي ڀائيوارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ٿو.روسي پرڏيهي وزارت چيو ته ايران ۾ مصنوعي طور تي ڀڙڪايل احتجاج هاڻي گهٽجي رهيا آهن، ۽ اميد آهي ته ايران ۾ صورتحال بتدريج مستحڪم ٿيندي.

ايران هن وقت اسرائيل سان جنگ وارن ڏينهن کان وڌيڪ مضبوط آهي:ايراني آرمي چيف

تهران(م ڊ)ايران جي فوجي سربراهه ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته ايران اڄ اسرائيل سان 12 ڏينهن جي جنگ دوران کان وڌيڪ مضبوط آهي. ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته 2025 ۾ اسرائيل سان  جنگ ايراني هٿياربند فوج لاءِ هڪ "منفرد ۽ غير معمولي تجربو” هو، ڇاڪاڻ ته ايران واحد ملڪ آهي جنهن سڌي طرح اسرائيل جهڙي ملڪ سان مقابلو ڪيو آهي جيڪو مغربي ٽيڪنالاجي ۽ هن پيماني تي مدد سان ليس آهي. ايران جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي جي مطابق، امير حاتمي چيو ته 12 ڏينهن جي جنگ کان پوءِ گذريل ڇهن مهينن دوران ڪيل تيارين ايران کي اسرائيل ۽ آمريڪا پاران پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت ڏني آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته گذريل سال ايران-اسرائيل جنگ دوران، اسرائيل ايراني شهرن تي تباهي مچائيندڙ حملا ڪيا، جڏهن ته ايران مسلسل جوابي ڪارروائيون پڻ ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن کي نقصان پهتو. هن دوران، آمريڪا ايران اندر ٽن فوجي تنصيبات کي به نشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.