خانپور مهر (رپورٽ: ميهر مهر) خانپورمهر ڀرسان هٿياربندن هٿان مال جي واڙي ۾ سُتل نوجوان گوليون هڻي قتل، لوهي واري علائقي ۾ رات جو دير سان هٿياربندن گوليون هڻي مال جي واڙي ۾ سُتل 25 ورهين جي نوجوان عمران پٽ نور احمد ڀٽي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول نوجوانعمران ڀٽي جي سئوٽ شوڪت ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات جو نوجوان مال جي واڙي ۾ سُتل هو ته فائرنگ ٿي جيئن اسين پهتا سين ته نوجوان گوليون لڳڻ سبب زخمي هو جنهن کي اسپتال کڻائي ويا سين ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هٿياربند عمران کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس موجب نوجوان جي قتل واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو.