سنڌين ڪراچي ۾ هر قوم کي جاءِ ڏني، سندن دل وڏي آهي:سهيل آفريدي

ڪراچي(رپورٽر)ڪي پي ڪي جي وڌي وزيرسهيل آفريدي چيو ته مان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سميت سمورن وڪيل جو ٿورائتو آهيان جن مون کي بار ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي .سنڌ جو عوام غيرت مند ۽ دلير آهي، جن اسان جو بهترين استقبال ڪيو آهي.سنڌ جي عوام وڏي دل جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ هر قوم کي ويلڪم ڪيو آهي، سنڌهاءِ ڪورٽ بارجي دعوت تي خطاب ڪندي هن سنڌ جي عوام کي بهادر،غيرتمند، دلير ۽ مهمان نواز قرار ڏيندي چيو ته سنڌين پنهنجي راڄڌاني ۾ سموري پاڪستان کي جاءِ ڏني آهي،ڪراچي ۾ هر قوم جا ماڻهو موجود آهن،ان جو مطلب ته سنڌين جي دل تمام وڏي آهي،اهي مهمانن کي وڏي عزت ڏيندا آهن، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته موجوده سنڌ حڪومت مهمانن سان مناسب رويو اختيار نه ڪيو ۽ سنڌي ثقافت جي نشان اجرڪ ۽ ٽوپي جي به عزت نه رکي، هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون سان ھٿ چراند ڪئي پئي وڃي، ادارن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو نقصان سموري پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو.هن چيو ته قومي اثاثا نيلام ڪري انصاف کي براءِ فروخت ڪيو ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ٽي جج حڪم ڏئي رهيا آهن ته مان پنهنجي قائد سان جيل ۾ ملاقات ڪريان، پر ان حڪم کي جيل سپريڊنٽ ٽوڪري ۾ اڇلائي ٿو ڇڏي، اها عدليا جي بي عزتي آهي منهنجي ناهي هن چيو ته قائد سان ملاقات لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيا پر ڪو به جواب نٿو ڏنو وڃي .اسان کي چيو ٿو وڃي ته اسان انتشار واري سياست ڪري رهيا آهيون.عمران خان حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.سمورين تحريڪن ۾ سنڌ هاءِڪورٽ بار جو اهم ڪردار رهيو آهي، آئين ۽ قانون جي بالادستي خلاف نڪرندڙ سان گڏ هوندس، توهان تي گولي هلائڻ کان پهريون اڳ ۾ آئون هوندس، صوبي جي وڏي وزير جو  پاسپورٽ بلاڪ ڪيو ويو آهي، اهو ظلم آهي، پر اسان پر امن آهيون پر امن رهنداسين ڪو به غلط ڪم نه ڪنداسين، سهيل آفريدي چيوته  غلط فيصلن سميت ملڪ ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، 45 سيڪڙوغربت وڌي آهي، سياستدانن کي ڪا به پرواهه ناهي، هن چيو ته سنڌ جي عوام جو شڪرگذار آهيان بئريسٽر سلمان اڪرم راجا خطاب ڪندي چيو ته سڀئي آئيني حق حملي هيٺ آهن.سپريم ڪورٽ هڪ مقبرو آهي، اسان پاڙيسري نه بڻجنداسين.ڪراچي شهر جو ووٽ لٽيو ويو.هن چيو ته اسان حيدرآباد ويا هئاسين، اسان جو رستو روڪيو ويو.جڏهن به پاڪستان جي آئين تي حملو ٿئي ٿو، ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سڀ کان پهرين آواز بلند ڪري ٿي. سنڌهاءِڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي سنڌ جي ڌرتي تي ويلڪم ڪريون ٿا.هي ڌرتي قلندر، سچل ۽ ڀٽائي جي ڌرتي آهي، صوفين ۽ اوليائن جو هڪ ئي پيغام امن جو آهي .اسان هتي حقن جي ڳالهه ڪنداسين ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪنداسين،قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪنداسين ، قانون جي حڪمراني تي قدغن لڳندو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايڪشن ۾ هوندي .ڪينالن، ڪارونجهر، ڪارپوريٽ فارمنگ يا 26 ۽ 27 هين ترميم خلاف ڪراچي بار ۽ سنڌ ها۽ ڪورٽ بار روڊن تي آيون .عامر نواز وڙئچ خطاب ڪندي چيو ته آئين تي جڏهن به قدغن لڳو آهي بار ايسوسيئشن ايڪشن ۾ هوندي آهي .ڪراچي بار 26 ۽ 27 هين ترميمن کي رد ڪيو آهي .ڪراچي بار تيستائين جدوجهد جاري رکندي جيستائين آئين واپس پنهنجي شڪل ۾ نٿو اچي، تقريب کان پوءِ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدی، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ، پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي سينيئر نائب صدر فهيم خان جي رهائشگاهه پهتو، جتي پي ٽي آءِ ڪراچي جو صدر راجا اظہر، جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد، ترجمان پي ٽي آءِ سنڌ محمد علي بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ويون. ان کان اڳ سهيل آفريدي مزارِ قائد حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جو عوام سڀني کي عزت ڏئي ٿو،انهن جي دل وڏي آهي،پر سنڌ حڪومت عوامي جي مينڊيٽ جو احترام نه ڪيو،سنڌ حڪومت اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي مان کي به برقرار نه رکيو،هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ملاقات طئي هئي پر بعد ۾ هن جو پيغام آيو ته هو ملاقات نٿو ڪري سگهي،سنڌ حڪومت جي طرز عمل سان مايوسي ٿي آهي، ان موقعي تي بئريسٽر سلمان اڪرم راجا،حليم عادل شيخ،عمر ڊار،ريحانه ڊار،نعيم حيدر پنجوٿا، شفيع جان، شوڪت بسرا، محمد علي بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان پوءِ وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدی ڪراچي ايئرپورٽ تان جهاز ذريعي پشاور روانو ٿي ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.