ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شفيع جان چيو آهي ته سنڌ ۾ پهريون ڏينهن ٺيڪ هو پوءِ اوچتو حڪومت کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو، حيدرآباد کان ڪراچي واپسي تي اسان کي اٺ ڪلاڪ لڳا،جڳهه جڳهه تي حڪومت روڊ بلاڪ ڪري رکيا هئا،انهيءَ عرصي ۾ اهي باغ جناح ۾ اسان جي ڪارڪنن کي پوليس هٿان تشدد جو بڻائي رهياهئا،اين او سي باوجود اسان جي ڪارڪنن تي لٺبازي شيلنگ ۽ گرفتاريون ڪيون ويون،هڪ نجي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان کي حيدرآباد،ڄامشورو ۾ جيڪا موٽ ملي پنجاب کان وڌيڪ جنون سنڌ ۾ آهي،هن چيو ته حيدرآباد کان واپسي تي مون،سهيل آفريدي،مينا خان ۽ٻين اڳواڻن پاران گاڏين مان لهي ٽريفڪ جام ۾ گاڏين کي پاڻ سائيڊ تي ڪيو،اسان سنڌ حڪومت کان پڇيو ته روڊ ڇو بلاڪ آهي ته انهن چيو ته اسان کي ”مٿان“ کان حڪم مليل آهي،سنڌ حڪومت هڪدم ڊڄي وئي،اين اوسي باوجود نه اسان جو ڪنٽينر ڇڏيو ويو نه سائونڊ سسٽم نه لائٽن جو سسٽم ڇڏيو ويو،هن چيو ته ڪراچي ۾ جنهن به جاءِ تي اسان وياسين اتي هزارين ماڻهو گڏ پئي ٿيا،ڀٽو جي سياست جيڪا هاڻي پ پ وارن وٽ ٿوري گهڻي بچي آهي اها سهيل آفريدي تهس نهس ڪري ڇڏي،انهن کي اميد نه هئي ته ايترا ماڻهو نڪرندا،انهن جو وڏو وزير چوي ٿو ته مون کي سهيل آفريدي سان ملاقات جي اجازت ناهي ملي،هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سنڌ ۾ آهي،ڪراچي جا حال تمام خراب آهن،گورننس جون ڳالهيون توهان جي واتان سٺيون نٿيون لڳن،ڀٽو ته زندهه آهي پر سنڌ جو عوام مري ويو آهي.