نادر جمالي جو واقعو عدالت کان مٿاهون قتل آهي: ڏاتل جمالي

دادو( رپورٽ: غوث جھتيال) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽  تعلقي جوهي جي  اڳوڻي تعلقي ناظم ۽ جمالي برادري جي چيف سردار ڏاتل خان جمالي مبينا پوليس مقابلي ۾ نادر جمالي جي قتل واري واقعي کي منظم سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته هي واقعو واضح طور تي عدالت کانمٿانهون قتل آهي چيف سردار ڏاتل خان جمالي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته نادر جمالي ڳوٺ جو زميندار هو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري بي دردي سان قتل ڪيو آهي ۽ پوءِ مقابلي جو رنگ ڏنو ويو، هن  چيو ته پوليس مقتول جي خون سان انصاف ڪرڻ جي اهل ناهي، تنهن ڪري واقعي جي شفاف عدالتي جاچ انتهائي ضروري آهي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته نادر جمالي جي قتل بابت پيپلزپارٽي جي ايم اين اي رفيق احمد جمالي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اڄ حڪومت ان معاملي تي عدالتي جاچ جو حڪم ڏيندي، چيف سردار ڏاتل خان جمالي زور ڏنو ته جمالي برادري نادر جمالي جي عدالت کان مٿانهين قتل خلاف پرامن احتجاج جاري رکندي، ڇاڪاڻ ته پرامن احتجاج هر شهري جو بنيادي حق آهي چاهي هو غريبهجي يا امير هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.