پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ ايڊونچر نه مليو، سهيل آفريدي کي پروٽوڪول ڏنو: شازيا مري

 ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)پ پ ايم اين اي شازيا مري چيوآهي  ته اها سڀني کي خبر آهي ته سنڌ حڪومت هڪ چونڊيل وڏي وزير جي ڀلي نموني آجيان ڪئي،پي ٽي آءِ اڳواڻن پاڻ به تسليم ڪيو،هن چيو ته اها نه رڳو سنڌ جي روايت آهي پر سنڌ ڌرتي جون روايتون آهن،سياست ۾ اهڙا اخلاقي قدر هوندا هئا،اها ته خبر ناهي ته ڪڏهن هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ جي روايت ۽ گارگند برگيڊ بڻجي وئي،جنهن وڏي گار ڏني ان کي اوتري وڏي شاباشي ملڻ لڳي،ان عمل پاڪستان جي سياسي عمل کي ڇيهو پهچايو آهي،هن چيو ته مان ته پي ٽي آءِ دور ۾ به قومي اسيمبلي  ۾ هئس،اهو به ڏسندي هئس ته ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه تي شاباشي ملي رهي آهي،اتي ميرٽ اها هئي ته گار ڏيندو ته توهان ڏاڍا سٺا آهيو،جنهن گار نه ڏني ان کي پوئتي ڪيو ويو،هن چيو ته اسان وٽ بدقسمتي سان موٽروي ته ناهي اهو هاءِ وي ئي آهي،ان هاءِ وي تي مان ڪيترائي ڀيرا ٽريفڪ جام جي ڪري ڦاٿي آهيان،جيڪو سنڌ ۾ رهندو آهي ان کي خبر آهي ته هاءِ وي تي ٽريفڪ جام معمول آهي،اها ڳالهه اسان جي مهمانن کي خبر ناهي،هن چيو ته اسان ايم نائن واري مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو آهي،ان کي ايم نائن جو نالو ته ڏنو ويو آهي پر اهو موٽروي ناهي،هن چيو ته مسئلو اهو آهي ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي ايڊونچر نه مليو،پنجاب ۾ ته انهن کي ايڊونچر مليو هو،انهن ايڊونچر نه ملڻ تي اهو سوچيو ته ڪجهه ڪري ٿا وٺون،هن چيو ته اين اوسي واري معاملي تي مون سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو ته انهن چيو ته اسان اجازت ڏيون ٿا پر وفاقي سرڪار جي به اجازت لازمي آهي ڇو ته اها ٽيريٽري وفاق ۾ اچي ٿي،اسان سهيل آفريدي کي سيڪيورٽي لاءِ ايس ايس يو جا اهلڪار به ڏنا هئا جيڪا آئيني عهدي جي گهرج هئي اها اسان پوري ڪئي،پي ٽي آءِ کي پنج سئو هزار ماڻهو ملڻ اچن ٿا ته اسان کي ڪو مسئلو ناهي،پارٽيون ته سنڌ ۾ موجود آهن پر ماڻهو بار بار پ پ تي اعتماد ظاهر ڪن ٿا،توهان ڪهڙي به اليڪشن کڻي ڏسو،ڀٽو زندهه آهي،ان فلسفي سان ئي جماعت هلندي آهي،اسان پنهنجي نظريي سان جڙيل آهيون،توهان سنڌ ۾ جٿي به ويندا اتي عزت ملندي ڇو ته سنڌ جا ماڻهو عزت ڏيندا آهن،ڪي پي ۾ ڏسو ته ڪهڙين حالتون آهن توهان پنهنجي طرز حڪمراني تي ڌيان ڏيو،پنهنجي وڏي وزير کي ٻئي صوبي ۾ وٺي وڃي اهڙا ايڊونچر نه ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.