سهيل آفريدي طرفان افغانستان جي ترجماني شرمناڪ آهي، هوش کان ڪم وٺي:وفاقي وزير

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل افريدي افغانستان جي ترجمان طور ڳالهايو جيڪو مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ عمل اهي. ايڪس تي بيان ۾ هن چيو ته سڄي دنيا افغان طالبان حڪومت طرفان دهشتگردن جي پٺڀرائي جا ثبوت ڏسي چڪي آهي، افغانستان جي سرزمين تان دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ استعمال ٿيڻ جا رد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت آهن. سهيل آفريدي ڪوڙ ۽ منافقت جي حد ڪري ڇڏي آهي، پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن الزام هنيو ته ڏڦيڙ تحريڪ سان واڳيل عنصر جڏهن به ڳالهائيندا آهن ته دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪندا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي خارجي فتني کي قبول ناهي، ان لاءِ پاڪستان کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن سهيل آفريدي کي خبردار ڪيو ته هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. ٻئي پاسي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو ته هاڻي ڪنهن طرفان به دهشتگردي جي حمايت ڪئي وئي ته ڪا نرمي نه ڪئي ويندي. گذريل سال دهشتگردي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ڪي پي ۾ ٿيا، پر صوبائي حڪومت غيرقانوني افغانين کي واپس نٿي موڪلڻ چاهي. دهشتگردن جون پناهگاهون ۽ ٽريننگ ڪيمپون افغانستان ۾ آهن، پي ٽي آءِ طرفان ساڻن نرم رويو رکڻ جو ڪو ته سبب هوندو. پي ٽي آءِ جو ترجمان کلي دهشتگردي جي مذمت نٿو ڪري پر هاڻي وزيراعليٰ هجي يا ڪو ٻيو، قومي بيانيي خلاف ڪا ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.