مسئلن جو حل وڌيڪ صوبن ۾ آهي، ٽي وڏا وزير هجڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ \عليم خان

گوجرانوالا (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان چيو آهي ته مسئلن جو حل وڌيڪ صوبن جي قيام ۾ آهي. نوان صوبا سڀني جي فائدي لاءِ آهن. اسان کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻا آهن. اسان ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب ۽ سينٽرل پنجاب جي حق ۾ آهيون. سڀني سياسي پارٽين کي بهادر هجڻ گهرجي. گوجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڀني سياسي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪن. جيڪي عنصر ملڪ جا خيرخواه نه آهن انهن کي مناسب جواب ڏنو وڃي. اسان صوبن جا نالا تبديل نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان بلوچستان کي بلوچستان ئي رهڻ ڏيڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن سنڌ ۾ حڪومت آهي ته پوءِ هڪ جي بدران ٽي وڏا وزيرٺاهين، جيڪڏهن بلوچستان ۾ به ٽي وڏا وزير هوندا ته ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.