اسلام آباد(مزمل سهروردي) ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي ونڊر بواءِ جي ڳولا آهي،ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اها ڪابينا جي ميمبرن کان مطمئن ناهي،ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته وفاقي ناڻي واري وزير کان به مطمئن ناهي.ڇا واقعي اهڙو ڪو مسئلو آهي يا فوج سڀني کان مطمئن آهي؟ پهريان ته اهو سمجهو ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن ونڊر بواءِ جي ڳولا ناهي،اسٽيبلشمينٽ جڏهن نگران حڪومتون آنديون،ته اهي سڀ ماڻهو ان جا نمائندا هئا.جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪو ونڊر بواءِ هجي ها،ته پوءِ انوارالحق ڪاڪڙ ئي فوج جو ونڊر بواءِ هو،جنهن کي نگران وزيراعظم بڻايو ويو،اسٽيبلشمينٽ وٽ معيشت بهتر ڪرڻ وارا ماهر هجن هايا ملڪ هلائڻ جي ڪا تيار ٽيم هجي هاته اها ٽيم نگران حڪومت ۾ نظر اچي ها.پر اسان ڏٺو گوهر اعجاز ڊاڪٽر عشرت حسين جهڙا پراڻا، آزمايل چهرا هئا.ڪوبه نئون “ونڊر بواءِ” نظر نه آيو.اسٽيبلشمينٽ وٽ ونڊر بواءِ هجي ها ته ان کي ايس آءِ ايف سي جو سربراهه بڻائي ڇڏي ها۽ ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪرائي ڇڏي ها فوج وٽ دفاع لاءِ ته مڪمل نظام آهي ايٽم بم هلائڻ جون ٽيمون آهن پر ڊالر ڪنٽرول ڪرڻ جي ٽيم ناهي،معيشت هلائڻ جو فارمولو ناهي ان لاءِ فوج کي سول حڪومت جي ضرورت پوي ٿي،