لاڙڪاڻي ۾ منشيات رکڻ جي الزام هيٺ ليڊي پوليس اهلڪاگرفتار

لاڙڪاڻو(رپورٽ: ساجد علي تنيو) لاڙڪاڻو پوليس جي منشيات فروشن خلاف وڏي ڪارروائي، ليڊي پوليس اهلڪار، سندس ماءُ سميت 5 منشيات فروش گرفتار، 12 ڪلو کان وڌيڪ چرس، ٻه ڪلو آئيس هٿ ڪئي وئي، سنڌ جي صوبائي گهرو وزير طرفان لاڙڪاڻو پوليس کي شاباس ڏني وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي پوليس وفاقي سول حساس ادارن سان گڏ ڪاروائي ڪري ليڊي پوليس اهلڪار نازيا ڪورائي سندس ماءُ فرزانه سميت منشيات فروش خالد ابڙو، سليم پتافي، ڪامران عرف وڌايو ابڙو کي گرفتار ڪري سندن وٽان 12 ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ ٻه ڪلو آئيس هٿ ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب چيو آهي ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي وفاقي سول حساس ادارن سان گڏ ڪئي وئي آهي، جيڪا شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪئي وئي، جن وٽان وڏي انگ ۾ چرس ۽ آئيس هٿ ڪئي وئي، ليڊي پوليس اهلڪار نازيا ڪورائي پوليس جي وردي ۾ سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ منشيات وڪرو ڪندي هئي، جيڪا پاڻ نشو واپرائي ٿي جنهن جا وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا آهن، جلد منشيات فورشن جي ٻين ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.