اسلام آباد(رمضان راڻا)ايران ۽ پاڪستان ۾ هاڻي بازار بند تحريڪن جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن جي پٺيان اسرائيل،آمريڪا ۽ ڀارت جهڙيون طاقتون به سرگرم نظر اچن ٿيون.انهن ٻنهي ملڪن جو”ڏوهه“ رڳو اهو آهي ته هڪ ملڪ تيل ۽ گئس جي دولت سان مالامال آهي۽ ٻيو ملڪ ايٽمي طاقت رکي ٿوهاڻي انهن تحريڪن سان گڏ آزاد بلوچستان، ڪردستان ۽ پختونستان جهڙا معاملا به شامل ڪيا ويندا.بيشڪ،ايران تي سامراجي طاقتن طرفان لڳاتار لڳايل معاشي پابندين سبب ملڪي معيشت مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهي.ايران جي حڪمرانن جو واحد ”ڏوهه“ اهو آهي ته انهن سامراجي طاقتن آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو آهي.نه ته ايران ۾ پاڪستان جهڙي ڪرپشن آهي نه رشوت جي عام بازارنه ٽيڪس چوري جو راڄ آهي پاڪستان ۾ ايٽمي پروگرام جو بنياد وجهڻ جي “جرم” ۾ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي.جڏهن ته نواز شريف کي ايٽمي ڌماڪن سبب اقتدار کان هٽايو ويو.هاڻي وري ايران ۽ پاڪستان ۾ بازار بند تحريڪون زور وٺي رهيون آهن،جن ۾ ڀارت اسرائيل۽ آمريڪا ملوث آهن.اهي تحريڪون هاڻي عوامي مظاهرن ۽ احتجاجن جي صورت ۾ نظر اچي رهيون آهن. انهن جا نتيجا به ساڳيا نڪرندا، جيڪي ماضي ۾ نڪتا هئا.يعني:تيل ۽ گئس سان مالامال ايران۽ ايٽمي طاقت پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ عراق، ليبيا ۽ افغانستان جهڙا ملڪ بڻجي سگهن ٿا.۽ انهن ملڪن جي اندر:آزاد پختونستان آزاد بلوچستان۽ ڪردستانجي تحريڪون وڌيڪ شدت سان اڀري سگهن ٿيون.