اسان جنگ ۽ ڳالهيون ٻنهي لاءِ تيار آهيون: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون.
هڪ بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ واڌ ٿي، دهشتگردن احتجاج ڪندڙن ۽ فورسز کي نشانو بڻايو پر هاڻ صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي.
هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پرامن احتجاج پرتشدد ٿي ويو، ٻن هفتن ۾ احتجاج دوران 350 مسجدن کي باهه ڏني وئي پر ايراني فورسز وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جا مطالبا جائز هئا ۽ حڪومت انهن کي ٻڌي به رهي هئي.
سندس چوڻ هو ته ٽرمپ جي مداخلت جي ڳالهه کانپوءِ احتجاج ۾ رتوڇاڻ ٿي ته جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ٿي سگهي، اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.