اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۽ آسٽريلياخلاف هوم سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ بابت حتمي مشاورت هلندڙ هفتي ٿيندي.
ذريعن موجب، هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن سريلنڪا جي دوري جي پڄاڻي تي لاهور پهچي رهيو آهي.
قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جا ميمبر سريلنڪا ۾ سيريز کيڏڻ کانپوءِ اڄ وطن واپس پهچندا، جڏهن ته هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ۽ ڪپتان سلمان علي آغا سليڪٽرن سان حتمي صلاح مشورو ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي چيئرمين جي منظوري سان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته پي سي بي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ شروعاتي نالا اڳ ئي آءِ سي سي ڏانهن اُماڻي چڪو آهي.
واضح رهي 31 جنوري کان اڳ پي سي بي آءِ سي سي جي اجازت کانسواءِ نالن ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي ٿو.
ذريعن موجب امڪاني رانديگرن ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، فخر زمان، شاداب خان، بابر اعظم، فهيم اشرف، محمد نواز، عثمان خان ۽ ابرار احمد شامل آهن.
ان کانسواءِ شاهين آفريدي، نسيم شاهه، حارث رئوف، سلمان مرزا ۽ خواجا نافع جا نالا به امڪاني رانديگرن ۾ شامل آهن، جڏهن ته عبدالصمد، محمد وسيم جونيئر ۽ عثمان طارق ريزرو طور شامل ڪري سگهجي ٿو.