ڪراچي ۾ غير معمولي ٿڌ، پارو 6 ڊگري تائين هليو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، جتي گهٽ کان گهٽ پارو 6 ڊگري تائين رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ کان گهٽ پارو 10 کان 8 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ مجموعي طور گهٽ کان گهٽ پارو 8.1 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
گذريل رات شهر جي مختلف علائقن ۾ سڀ کان گهٽ پارو جناح ٽرمينل تي 6 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.
گلستان جوهر ۽ شاهراهه فيصل تي گهٽ کان گهٽ پارو 9، ماڙي پور ۾ 10 ۽ بس قاسم ۾ 10.5 رڪارڊ ڪيو ويو.
شهر ۾ هلندڙ هوائن ۾ گهم جي شرح 44 سيڪڙو آهي ۽ اتر اوڀر کان 7 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.