بنگلاديش ڀارت نه وڃڻ واري فيصلي تي قائم، آءِ سي سي ۽ بي سي سي آءِ جو متبادل آپشن تي غور شروع

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت ۾ شيڊيول ميچن واري معاملي تي غير يقيني واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته بنگلاديش بورڊ کي آءِ سي سي ڏانهن موڪليل اي ميل جي جواب جو اوسيئڙو آهي، پر ان کان اڳ ڀارتي ميڊيا پروپيگينڊا شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش جون ميچون ڀارت مان سريلنڪا منتقل ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، جڏهن ته بنگلاديش جي ڀارت ۾ رٿيل ميچن جا وينيوز تبديل ڪرڻ وارو آپشن سامهون آيو آهي.
ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته آءِ سي سي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ موقف تان هٿ کڻڻ واري جنگ جاري آهي، پر بنگلاديش جي ميچن لاءِ چنائي ۽ ٿيروونٿاپورم جي وينيوز جا آپشن موجود آهن.
ويب سائيٽ موجب سيڪيورٽي خدشن سبب بي سي بي آءِ سي سي کان باظابطا مطالبو ڪيو آهي ته بنگلاديش جون سڀئي ميچون سريلنڪا منتقل ڪيون وڃن.
ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي متبادل وينيوز جي ڳولا ضرور ڪئي آهي، پر ميچون سريلنڪا منتقل ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، ڇو ته تامل ناڊو ۽ ڪيرالا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن سان آءِ سي سي ۽ بي سي سي آءِ رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب چنائي ۽ ٿيروونٿاپورم بنگلاديش جي ميچن لاءِ امڪاني وينيو ٿي سگهن ٿا، تامل ناڊو ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن کي اڳ ئي عالمي ڪپ ميچن جي ميزباني ڪرڻي آهي ۽ ان کي وڌيڪ ميچن تي اعتراض نه آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ۾ بنگلاديش جون ميچون 7، 9 ۽ 14 فيبروري تي ڪولڪتا ۾، جڏهن ته 17 فيبروري تي ممبئي ۾ شيڊيول آهن.
واضح رهي ته هندو انتهاپسندن جي دٻاءُ کانپوءِ بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي حڪم تي بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز پنهنجي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي خدشن جو سبب ڄاڻائي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچن لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ بي سي بي ان حوالي سان آءِ سي سي کي خط پڻ لکيو هو.
ٻئي پاسي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بنگلاديشي ٽيم جي ڀارت نه وڃڻ واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش جي ميچن جي ميزباني جي آڇ ڪئي آهي.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سريلنڪا جا وينيوز دستياب ناهن ته پاڪستان جا وينيوز حاضر آهن، چيمپيئنز ٽرافي ۽ آءِ سي سي ڪواليفائر پاڪستان ۾ ٿي چڪا آهن، تنهنڪري اهي ميچون به سولائي سان ڪرائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان جا سمورا وينيوز آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ميزباني لاءِ تيار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.