ٽانڪ ۾ بڪتربند گاڏيءَ ڀرسان ڌماڪو، 6 پوليس اهلڪار ۽ هڪ واٽهڙو شهيد

ٽانڪ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ گومل بازار ٿاڻي جي بڪتربند گاڏي ڀرسان ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ 7 پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب بڪتربند گاڏي گومل ٿاڻي کان ٽانڪ اچي رهي هئي ته گومل بازار روڊ تي ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جو نشانو بڻي.
پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ بڪتربند گاڏي تباهه ٿي وئي ۽ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ گومل ٿاڻي جو ايڊيشنل ايس ايڇ او اسحاق خان به شامل آهي.
پوليس موجب شهيدن ۾ هڪ واٽهڙو به شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.