روڊ تي جلسو ۽ پوليس سان مزاحمت قانون جي ڀڃڪڙي آهي: رئوف ناگوري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ رئوف ناگوري چيو آهي ته روڊ تي جلسو ڪرڻ ۽ پوليس سان مزاحمت ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هڪ بيان ۾ رئوف ناگوري چيو ته ڪنهن کي به ڪراچي جي امن سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج دوران گاڏين کي ٽوڙيو، پرامن احتجاج جي نالي تي ميڊيا ۽ سرڪاري ملڪيت کي نشانو بڻائڻ ناقابل قبول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.