ڪراچي ۾ هفتي دوران رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 800 واقعا

ڪراچي (رپورٽر) شهر ۾ رولو ڪتن جو  وڌندڙ انگ شهرين لاءِ خوف ۽ خطري جو سبب بڻجي ويو. هن مهيني جي پهرين هفتي ۾ خاص طور تي اولهه ضلعي، ڪورنگي، ڪياماڙي ۽ ملير ۾ ڪتن جي چڪڻ جا 800 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.  سنڌ حڪومت جو ريبيز ڪنٽرول پروگرام، جيڪو 2022 ۾ شروع ڪيو ويو هو، اڃا تائين گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيو آهي. پروگرام جو مقصد 125,000 ڪتن کي نيوٽريشن ۽ ويڪسينيشن ڪرڻ هو، پر ڪي ايم سي جي محدود گاڏين، 6-7 مرڪزن ۽ رڳو  30 سيڪڙو بجيٽ جي استعمال جي ڪري ڪم سست رهيو آهي. ماهرن جي مطابق، نيوٽريشن ڊگهي مدي وارو حل آهي، پر انتظامي رنڊڪن ۽ محدود وسيلن جي ڪري، شهري اڃا تائين خطري ۾ آهن. عملدارن موجب، رولو ڪتن کي پڪڙيو ويندو آهي ۽ انهن جي افزائش کي روڪڻ لاءِ مرڪزن ۾ آندو ويندو آهي، پر صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. شهرين جي حفاظت لاءِ رولو  ڪتن جو اثرائتو ڪنٽرول ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.