بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڪڙيو گھنور شھر جي الرحمان هال ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ھاري ڪانفرنس ۽ شهيد فاضل راهو جي ياد يومِ فاضل جلسه عام، سنڌياڻين سميت سوينماڻهو شريڪ ٿيا. قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو،جلسي جي صدارت ھاري تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريباري ڪئي. هاري ڪانفرنس ۾ ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، گيانچند مھيشوري، انور نوحاڻي، پنھل سولنگي، امام علي شاھ، سانول گوپانگ، حسين درس، الطاف خاصخيلي، سونهن گوپانگ شوڪت نوحاڻي، محمود رخشاڻي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،اياز لطيف پليجي ڪانفرنس ۾ ھاري تحريڪ جي عھديدارن کي حلف کڻايو. جنھن ۾ صدر ڪرڙ ريٻاري، سيئنر نائب صدر حبيڀ الله پليجو، نائب صدر اسماعيل مھيري، نائب صدر گل حسن برھماڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري يوسف لاشاري، جوائنٽ سيڪريٽري جلال بجير، رابطا سيڪريٽري ڪمال شر، خزانچي نواب الله ڏاهري، پريس سڪريٽري رازو مل ڪولھي، جڏھن ته ميمبرن ۾ سرور گاجاڻي، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، نادر لغاري، شوجي ڪولھي، گورڌن ميگهواڙ، حضور بخش ڏاهري، اسماعيل مهيري، صديق اوٺو، اسد ٻڌ، رمضان رند شامل آھن.ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته دنيا جي جن علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ تيل ۽ گئس ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي پر افسوس بدين ضلعي وٽ سمنڊ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود ھتان جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن،هن چيو ته ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي،هن چيو ته شھيد فاضل راهو سنڌ جو سگھارو آواز ھو. سندس جدوجهد جي ڪري ھو تاريخ ۾ سدائين زندھ رھندو. شھيد فاضل راھو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو. قومي عوامي تحريڪ سندس واٽ تي ھلي پاڻي، درياھ تي ڌاڙي، مظلوم عوام سان ظلم ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجھد ڪري رھي آھي،هن چيو ته شھيد فاضل راهو سدائين مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد جو درس ڏنو. فاضل راهو ھر ڪاري رات خلاف وڙهندي پنهنجي زندگي گذاري،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مسلسل چوٿين حڪمراني سنڌ کي المين جي ڌرتي بنائي ڇڏيو آھي. ٿوري ٿوري وقت سان اھڙا درندگي جا واقعا پيش اچن ٿا جو ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجو وڃن. سنڌ کي مقتل گاھ بنايو ويو آھي،هن چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي حڪومتن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن جو مقابلو آھي ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، ڏوھن، اغوائن، ڦرن ۽ ماڻھن کي فقير بنائڻ جو مقابلو ھلي رھيو آھي، پيپلز پارٽي جي 18 سالن کان مٿي جي حڪمراني سنڌ جي سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته سڀني صوبن کي جوڙي رکڻ جو ذريعو آئين، عدليه، پارليامينٽ ۽ سنڌو درياءُ آهن. سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ گورننس ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي. سنڌ مان چونڊيل پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، اھي خود احتساب ڪن،هن چيو ته مسئلن جو حل پابندين، جيل، ٽڪراءَ ۾ ناهي پر منصفاڻِي ۽ جمهوري فيڊريشن ۾ آهي. سنڌ جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياءُ تي آهي. حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن،سنڌ کي لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي.حڪومت اقتداري مفادن خاطر عوام جي حقن تان هٿ کڻي چڪي آهي. گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن،هن چيو ته موجوده پارليامينٽ ۾ عوام جو حقيقي مينڊيٽ شامل ناهي. جيڪا حڪومت عوام کان ماني جو گرھ کسي وٺي، اها ڪهڙي گورننس ڏيندي؟ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن سان عدليه ۽ صحافت کي پيڪا ذريعي ختم ڪيو ويو،اياز لطيف پليجي چيو ته بدين ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، زرعي ۽ آئي ٽي يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن. بدين جي تيل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي. بدين ضلعو سڄي سنڌ ۾ تيل جي پيداوار ڏيندڙ ضلعو آھي، تيل جي رائلٽي حڪمران کڻي وڃن ٿا. بدين ڪنھن دور ۾ شگر اسٽيٽ ھو، پاڻي بند ڪري ۽ سارين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. بدين سميت سنڌ تي هٿرادو غربت مسلط ڪئي وئي آھي،هن چيو ته پيپلزپارٽي جيستائين اقتدار ۾ رھندي تيستائين سنڌ جا ماڻهو ان مان چڱائي جي اميد نہ رکن. سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. ملڪ ۽ قومون شفافيت سان ترقي ڪن ٿيون. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو،هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاھي ھا ته سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي. ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. پاڻي کوٽ، نقلي ٻج، دوائون ۽ زرعي دوا آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. ڪانفرنس کي ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، عبدالله چانڊيو، انور نوحاڻي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.