ڪراچي/ نوابشاهه (پ ر/ ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي گولي مار ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 ۽ ايس آئي اي ايڇ ايس جي ٽيمن وقت تي ڪارروائي ڪندي متاثرن کي فوري طور ويجھي اسپتال منتقل ڪيو، ذريعن موجب فوت ٿيلن ۾ 2 سڳا ڀائر شامل آهن، جن جي سڃاڻپ 5 سالن جي احمد ۽ 4 سالن جي عماد طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 2 ٻارڙا، 2 مرد ۽ هڪ عورت شامل آهي، پوليس موجب فوتي ٻارن ۽ زخمين کي پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، بحالي کاتي واري صوبائي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي هدايت تي ريسڪيو 1122 جي عملي فوري طور آپريشن ڪيو ۽ متاثرنکي اسپتال پهچايو، گيانچند ايسراڻي فوت ٿيلن جي خاندانن سان تعزيت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت تڪڙي امداد ۽ عوام جي تحفظ لاءِ ريسڪيو ادارن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهي آهي، ريسڪيو 1122 ۽ ايس آئي اي ايڇ ايس جي جوانن بهادري ۽ فرض شناسيءَ جو عملي ثبوت ڏنو آهي. اسان ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون.